ايشيا ڪپ: ڀارت خلاف ميچ کان اڳ قومي ٽيم جو ڊنر

ايشيا ڪپ: ڀارت خلاف ميچ کان اڳ قومي ٽيم جو ڊنر

دبئي (ويب ڊيسڪ)پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ايشيا ڪپ جي سپر فور مرحلي ۾ ڀارت خلاف اهم ميچ کان اڳ دبئي جي هڪ هوٽل ۾ ڊنر ڪئي.ڊنر جون تصويرون پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) پنهنجي آفيشل ٽوئيٽر اڪائونٽ تي شيئر ڪيون آهن.تصويرن ۾ قومي ٽيم جو ڪپتان بابر اعظم، نسيم شاهه، حارث رئوف، حسن علي، محمد نواز ۽ عثمان قادر ڏسي سگهجي ٿو.ڊنر جي ميزباني ٽيم مئنيجر منصور رانا ڪئي، جنهن ۾ اسڪواڊ جي ميمبرن ۽ سندن خاندانن شرڪت ڪئي.واضح رهي ته ايشيا ڪپ جي سپر فور مرحلي ۾ اڄ پاڪستان ۽ ڀارت جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون.

پهنجو تبصرو موڪليو