اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ اسٽيشن هائوس آفيسر(ايس ايڇ او) کي بخدمت جناب لکڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي.سپريم ڪورٽ طرفان فيصلو جاري ڪيو ويو آهي ۽ اهو فيصلو جسٽس صلاح الدين پنهور طرفان لکيو ويو. پوليس اسٽيشن ٽنڊو غلام علي ۾ واقعي جي هڪ ڏينهن گذرڻ کان پوءِ ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي هئي.فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته پوليس کي درخواستن ۾ بخدمت جناب ايس ايڇ او لکڻ تي پابندي لڳائي وئي. سپريم ڪورٽ طرفان چيو ويو آهي ته اهڙي سوچ رد ڪئي وڃي ٿي. عوام ايس ايڇ او جي نوڪر نه آهي. هاڻ ايس ايڇ او کي صرف جناب ايس ايڇ او لکيو ويندو. پراڻي غلامانه زبان ختم ڪئي وڃي ٿي.سپريم ڪورٽ قرار ڏنو ته ايف آءِ آر داخل ڪرائيندڙ شهري اطلاع ڏيندڙ هوندو. شڪايت ڪندڙ نه، ڪمپلينٽ جي اصطلاح صرف نجي فوجداري شڪايت تائين محدود آهي. سپريم ڪورٽ پوليس ڪارروائي ۾(فريادي) جي لفظ تي به پابندي لڳائي ڇڏي ۽ چيو ته فريادي رحم گهرڻ جو تاثر ڏئي ٿو، حق گهرڻ جو نه.سپريم ڪورٽ ايف آءِ آر داخل ڪرڻ ۾ دير برداشت نه ڪرڻ جوڳي قرار ڏيندي پوليس آفيسرن کي سخت وارننگ ڏني ۽ فيصلي ۾ چيو ته ايف آءِ آر ۾ دير تي پي پي پي سي 201 جي تحت ڪيس داخل ٿي سگهي ٿو. ايف آءِ آر ۾ دير سبب شاهديون ضايع ٿيڻ جو خطرو هوندو آهي. پوليس ۽ شهري جي تعلق جي نئين تشريح، رياستي رويي ۾ وڏي تبديلي ضروري آهي. ايف آءِ داخل ڪرڻ ۾ دير جو رجحان سنڌ ۾ ڪافي وڌيڪ نظر ايندو آهي.سپريم ڪورٽ حڪم ڏنو ته پراسيڪيوٽر جنرل سنڌ گذريل 2 سالن دوران سنگين ڏوهن ۾ ايف آءِ آر جي حوالي سان دير جي باري ۾ رپورٽ هڪ مهيني اندر جمع ڪرائي، رپورٽ عدالت جي جائزي لاءِ ڪراچي برانچ رجسٽري جي انچارج آفيسر کي جمع ڪرائي وڃي.فيصلي موجب سنڌ جا سمورا ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج يقيني بنائين ته ماتحت عدالتن ۾ ڪيس جي سڏ ڏيڻ وقت فريادي جي اصطلاح استعمال نه ڪئي وڃي. رجسٽرار آفيس فيصلي کي رهنمائي ۽ عملدرآمد لاءِ پاڪستان جي سمورين هاءِ ڪورٽ ۽ ضلعي عدالتن ۾ سرڪوليٽ ڪري.










