سکر)رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر فهميده لاشاري ڪيس ۾ ريمارڪس ڏنا آهن ته ايس ايس پي سکر سنگهار ملڪ نااهل آهي عدالت خاطري باوجود فهميده لاشاري کي بازياب نه ڪراڻ تي پوليس مٿان سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي، جڏهن ته ڊي آءِ جي سکر کي وضاحت لاءِ نوٽيسز جاري ڪيا ويا آهن جسٽس امجد علي سهتو ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ايس ايس پي سکر پاڻ پيش ٿيڻ بدران ايس ايڇ او کي موڪلي ڇڏيو، فهميده لاشاري جي اغوا واقعي کي 8 مهينا ٿي ويا، پر پوليس کيس بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي عدالت ڊي آءِ جي سکر کي ناري بازياب ڪري ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي










