ٽنڊو محمد خان (ن س)ايس ايس پي ٽنڊو محمد خان غلام نبي ڪيريو ۽ ڊي ايس پي بلڙي شاھ ڪريم سيد مجاھد شاھ پاران بلڙي شاھ ڪريم ٿاڻي جي پوليس چيڪ پوسٽ تي کلي ڪچھري ڪئي وئي کلي ڪچھري ۾ سياسي سماجي اڳواڻن معززين شھرين مختلف ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز ۽ ٻين عملدارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي جنھن ۾ پ پ اڳواڻ سومار سومرو رٽائرڊ استاد پير بخش جماري پ پ اڳواڻ رئيس زاھد خان رند رئيس اعظم خان رند. شھڪ خان رند يار محمد لاشاري محمد حسن عرف پپو ميمڻ رئيس ابراھيم مگسي ذوالفقار علي رند حاجي علي نواز رند پ پ اڳواڻ حاجي غلام مصطفي جت عبدالڪريم جت حاجي عباس سٺيو عبدالعليم مگسي ديدار علي مگسي ايس ايڇ او بلڙي امتياز لاڙڪ وڏو منشي شريف ملاح ايس ايڇ او آبادگار ڪاشف خواجا ايس ايڇ او ملاڪاتيار منظور پنھور. سينئير صحافي سيد ميرباد شاھ. سليم الله شيخ. الھيار عرف ياري رند سينئير صحافي عطاء مڱريو. ارشاد ڪاتيار ۽ ٻين شرڪت ڪئي ان موقعي تي ڪافي معززين مختلف مسئلن جون نشانديون ڪيون جنھن ۾ پوليس پڪٽون نه ھجڻ پوليس نفري اڻپوري ھجڻ جون شڪايتون ڪيون معززين ايس ايس پي کي مخاطب ٿيندي چيو ته منشيات تي پوليس جون ڪاروائيون بھتر آهن پر اڃان وڌيڪ منشيات خلاف ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي ھنن ايس ايس پي کان مطالبو ڪيو ته بلڙي شاھ ڪريم تعلقي ۾ سماجي برائن کي ختم ڪرڻ ۽ عوام کي تحفظ ڏيڻ سميت منشيات جي خاتمي لاء وڌيڪ ڪم ڪيو وڃي جڏھن ته ڪافي معززين ايس ايس پي اڳيان ڪافي شڪايتون پڻ ڪيون جڏھن ته ان موقعي تي ايس ايس پي ٽنڊو محمد خان غلام نبي ڪيريو کلي ڪچھري کي خطاب ڪندي ۽ ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته منھنجي پوسٽينگ کي پنج مھينا ٿيا آهن پنج مھينن اندر 3 سئو کان وڌيڪ منشيات فروش ۽ ڏوھاري گرفتار ڪري جيل موڪليا آهن جنھاڻ سومرو سميت مختلف ھنڌن تي ڪاروائيون ڪري نامي گرامي منشيات فروش پڪڙي جيل موڪليا آهن ڪافي چورن کي پڪڙي چوري ٿيل سامان ۽ چوپايو مال برآمد ڪرايو آهي اسان منشيات فروش کي پڪڙي جيل موڪيلندا آھيون پر ان کي سزا نه ملندي آهي ھو جلدي آزاد ٿي ويندا آهن اگر ڏوھاري کي جيستائين سزا نٿي ملي ھو ڏوھ ڪون ڇڏيندو وڏا وڏا منشيات فروش جيل موڪليا آهن پر انھن کي سزائون نٿيون ڏنيون وڃن اسان سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو منشيات جي خاتمي لاء عوام کي شعور آڻڻو پوندو سمينار ڪرائجن نوجوان سماج سڌارڪ ماڻھن ۾ منشيات جي غلط نڪرندڙ نتيجن بابت ڄاڻ ڏين ھن سان بھتري اچي سگھي ٿي اسان جو جيڪو حال آهي اسان عوام جي خدمت ڪيون پيا سمورن ٿاڻن جي پوليس کي خاص ھدايتون ڪيون آهن ته ھو امن امان کي بھتر ڪن ۽ عوام جي خدمت کي وڌيڪ ترجھي ڏين .










