ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ناليواري ايسٽرولوجسٽ ڀڳوانداس جٽيا هندي جي لال ڪتاب آڌار پيشنگوئي ڪئي آهي ته جن ماڻهن جا نالا، ن، ظ، ض، ی ۽ ز جي حرفن سان شروع ٿين ٿا انهن جي طالع ۾ قمر ۽ سعد اسٽار مشتري جي داخل ٿيڻ ۽ طالع جي پنجين خاني ۾ زهره جي هجڻ ڪري سندن جون حالتون بهتر ٿينديون. گذريل ڪجهه مهينن کان سندن زندگي ۾ جيڪو خلفشار ۽ پريشاني هئي اه ختم ٿيندي.21 فيبروري کان مئي 2025 تائين انهن حرفن جي نالن وارن ماڻهن کي سياسي، سماجي، معاشي ۽ معاشرتي طور عروج ملندو. انهن ماڻهن کي ان عرصي ۾ ڀرپور محنت ڪرڻ گهرجي کين ان جو ثمر ملندو. اهي ماڻهو ڇنڇر تي ڪا لوهه جي شئي غريبن کي ڏين ته بهتري ٿيندي.










