اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر)پرڏيهي آفيس (ايف او) سومر تي ٻڌايو آهي ته ايران جو پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان 29 جنوري تي پاڪستان جو دورو ڪندو. اهو دورو پاڪستان ۾ ايراني هوائي حملي کانپوءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ ۾ اضافو ٿيڻ کانپوءِ ٿي رهيو آهي ، جنهن جي نتيجي ۾ اسلام آباد پاڙيسري ملڪ جي صوبي سيستان بلوچستان ۾ دهشتگردن جي ٺڪاڻن تي حملو ڪيو هو. ايف او طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۽ اسلامي جمهوريه ايران جي پرڏيهي وزيرن وچ ۾ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه کانپوءِ گڏيل طور تي اتفاق ڪيو ويو آهي ته ٻنهي ملڪن جا سفير 26 جنوري 2024 تائين پنهنجي عهدن تي واپس اچي ويندا.
????: PR NO. 2️⃣3️⃣/2️⃣0️⃣2️⃣4️⃣
Joint Press Statement of the Islamic Republic of Pakistan and the Islamic Republic of Iran
????⬇️ https://t.co/4ScCGZJKPz pic.twitter.com/7ajcpnkZrz
— Ministry of Foreign Affairs – Pakistan (@ForeignOfficePk) January 22, 2024
پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته ايراني پرڏيهي وزير ايف ايم جيلاني جي دعوت تي 29 جنوري تي پاڪستان جو دورو ڪندو. ٻئي پاسي اطلاعات واري وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ پاڪستان جي پرڏيهي وزير جي تعريف ڪندي چيو آهي ته هن پنهنجي سفارتي ڪوششن سان تمام جلد ايران سان معاملا نارمل ڪيا. ياد رهي ته گزريل هفتي ايران پاڪستاني بلوچستان جي علائقي پنجگور ۾ حملو ڪيو هو ۽ سندن دعويٰ هئي ته ايران ۾ دهشتگردي ڪندڙ تنظيم جيش العدل جي ٺڪاڻي تي حملو ڪيو ويو. جڏهن ته پاڪستان 48 ڪلاڪن جي اندر ايران جي بلوچستان يعني سيستان م بي ايل اي جي ٺڪاڻن تي جوابي حملو ڪيو. جنهن بعد ٻنهي ملڪن ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي، جيڪا ختم ڪرڻ لاءِ چين، روس ۽ سعودي عرب سميت دوست ملڪن جي مدد سان رڪارڊ مدت ۾ ٻنهي برادر اسلامي ملڪن ۾ صورتحال نارمل ٿي وئي.










