آفتاب چانڊيو
ايران بابت ھن وقت جيڪي خبرون گردش ۾ آھن، خاص طور آيت الله علي خامنئي جي امڪاني “Contingency/escape Plan-B” يا روس ڏانھن پناھ جي ڳالهه، انھن کي سڌي طرح فئڪٽ طور وٺڻ کان اڳ سياسي، رياستي ۽ سامراجي تناظر ۾ ڏسڻ ضروري آھي. اھڙيون خبرون عام طور تي يا ته نفسياتي جنگ psychological warfare جو حصو ھونديون آھن يا وري رياستي ايلٽ جي اندروني تڪرارن مان ليڪ ٿيل اشارا، جيڪي خود به طاقت جي ٻيھر ترتيب reconfiguration of power جي علامت ھوندا آھن.
ايران ۾ عوامي احتجاج ڪا نئين شيءِ ناھن. 2009، 2017–18، 2019 ۽ پوءِ “زن، زندگي، آزادي” واري تحريڪ ڏيکاري چڪي آھي ته سماج جي ھيٺين ۽ وچين طبقن ۾ بيچيني مستقل آھي. پر ان بيچيني کي ھن رياست جي مخصوص ڍانچي سان سمجهڻ گھرجي. ايراني رياست صرف ھڪ شخص يا ھڪ پارٽي ناھي، پر ھڪ گھڻ-سطحي پاور بلاڪ آھي، جنھن ۾ ولايت فقيھ، IRGC، بيسيچ، عدليه، نيم-بورجوازي، مذهبي ادارا ۽ رينٽ تي بيٺل معيشت پاڻ ۾ ڳنڍيل آھن. اھڙي ڍانچي ۾ “اوچتو ريجم چينج” صرف تڏھن ممڪن ٿيندو آھي، جڏھن يا ته رياستي مشينري ٽٽي پوي يا منظم انقلابي قيادت متبادل طاقت جو مرڪز اڏڻ ۾ ڪامياب ٿئي. ھن وقت اھي ٻئي شرط پورا نٿا ٿين.
خامنئي جي چوڌاري عدم اعتماد ۽ تحفظ جي کوٽ جي ڳالھ اصل ۾ طاقت جي اندروني تڪرار ڏانھن اشارو ڪري ٿي. ولايت فقيھ جو ادارو پاڻ به ارتقا جي مرحلي ۾ آھي. خامنئي پوڙھو آھي، جانشيني جو سوال کليل آھي، ۽ IRGC ھاڻي رڳو فوجي ادارو ناھي پر ھڪ معاشي ۽ سياسي اوليگارڪي بڻجي چڪو آھي. اھڙي صورتحال ۾ “ريجم مييوٽيشن” جو تصور وڌيڪ حقيقت پسند لڳي ٿو. يعني رياست جو بنيادي ڍانچو برقرار، پر طاقت جو مرڪز آهستي آهستي مذهبي-فقهي بالا دستيءَ مان نڪري فوجي-سيڪيورٽي ٽيڪنوڪريسي ڏانھن منتقل ٿيڻ.
طاقتور ڌريون, آمريڪا چين ۽ روس ڇا ٿا چاھين۔؟
ھن سوال کي سڌي طرح “ڪير ڇا ٿو چاھي” جي فهرست ۾ سمجهڻ بدران، ان کي عالمي سامراجي نظام، بين الاقوامي طاقت جي توازن ۽ ايران جي مخصوص جيوپوليٽيڪل تناظر ۾ ڏسڻ ضروري آھي. آمريڪا، روس ۽ چين ٽئي ايران بابت “ريجم چينج” جي مخالفت به ڪن ٿا، پر ھر ھڪ جي مخالفت جا سبب، حدون ۽ ڳجھا آپشن ۽ ارادا الڳ الڳ آھن، ۽ اھي پاڻ ۾ متضاد به ٿي سگھن ٿا۔
آمريڪا لاءِ بنيادي تضاد اھو آھي ته ھو ايران ۾ موجوده ريجم کي دشمن به سمجهي ٿو ۽ ساڳئي وقت ان جي مڪمل ٽٽڻ کان ڊڄي به ٿو. آمريڪي حڪمران طبقو ڄاڻي ٿو ته مڪمل ريجم چينج سان ايران عراق، ليبيا يا شام جھڙي صورتحال ڏانھن وڃي سگھي ٿو، جتي رياستي ڍانچو ٽٽي پوي، تيل جي سپلاءِ غير يقيني ٿئي ۽ غير رياستي قوتون، خاص طور علائقائي مليشيائون، ڪنٽرول کان ٻاھر نڪري وڃن. اھو آمريڪا جي علائقائي حڪمت عملي لاءِ خطرو آھي. ٻي طرف، آمريڪا اھو به نٿو چاھي ته ايران ھڪ مضبوط، خودمختيار ۽ علائقائي طاقت طور برقرار رهي، جيڪا حزب الله، حماس، حوثين ۽ عراقي مليشين جي ذريعي آمريڪي ۽ اسرائيلي مفادن کي چيلينج ڪري. ان ڪري آمريڪا جو “آئيڊيل منظرنامو” ريجم چينج ناھي، پر اھڙو ريجم شفٽ يا Mutation regime آھي، جنھن ۾ ايران جو رويو نرم ٿئي، ميزائل ۽ علائقائي پاليسي محدود ٿئي، ۽ عالمي سرمائيدار نظام ۾ ڪنٽرولڊ انضمام ٿئي. ھتي تضاد اھو آھي ته دٻاءُ وڌائڻ سان اندروني عدم استحڪام وڌي ٿو، جيڪو آمريڪا پاڻ به مڪمل طور ڪنٽرول نٿو ڪري سگھي.
روس لاءِ ايران ھڪ طرف اسٽريٽجڪ ساٿي آھي، خاص طور يوڪرين جنگ کان پوءِ، جتي ايران روس کي ڊرون، ٽيڪنالاجي ۽ پابندين کان بچڻ ۾ مدد ڏني. روس نٿو چاھي ته ايران ۾ اھڙو ريجم اچي جيڪو مڪمل طور مغرب ڏانھن جھڪي وڃي، ڇاڪاڻ ته اھو روس کي ڏکڻ طرفان گھيري ۾ وجھي ڇڏي. ساڳئي وقت روس اھو به نٿو چاھي ته ايران تمام گھڻو آزاد يا طاقتور ٿي وڃي، جيڪو قفقاز، وچ ايشيا ۽ توانائي مارڪيٽن ۾ روس سان مقابلو ڪري. ان ڪري روس لاءِ بھترين صورتحال اھا آھي ته ايران ۾ موجوده پاور اسٽرڪچر برقرار رهي، پر ان تي روس جو اثر وڌي، خاص طور فوجي، توانائي ۽ سفارتي معاملن ۾. ريجم چينج روس لاءِ خطري جي گھنٽي آھي، پر ريجم مييوٽيشن، جتي ولايت فقيھ ڪمزور ۽ سيڪيورٽي اسٽيٽ مضبوط ٿئي، روس لاءِ وڌيڪ قابلِ قبول ٿي سگھي ٿي۔
چين جو مفاد ٻين ٻنھي کان وڌيڪ “ڊگھي مدي ۽ معاشي” آھي. چين ايران کي بيلٽ اينڊ روڊ انيشيئيٽو، توانائي سيڪيورٽي ۽ آمريڪي بالادستي جي خلاف ھڪ اھم ڪارڊ طور ڏسي ٿو. چين لاءِ سڀ کان وڏو خطرو عدم استحڪام آھي. چين نٿو چاھي ته ايران ۾ گهرو جنگ، رياستي ٽٽڻ يا انتھائي عوامي افراتفري پيدا ٿئي، ڇاڪاڻ ته اھو تيل جي فراهمي، واپاري رستن ۽ سيڙپڪاري کي متاثر ڪندو. چين نظرياتي يا سياسي ريجم چينج ۾ دلچسپي نٿو رکي؛ ھن لاءِ ريجم جي نوعيت کان وڌيڪ “پريڊڪٽيبليٽي” اھم آھي. ان ڪري چين موجوده ريجم سان به ڪم ڪري ٿو ۽ جيڪڏھن ريجم اندر تبديلي اچي ٿي ته ان سان به. چين لاءِ بھترين آپشن اھو آھي ته ايران ھڪ مستحڪم، آمريڪا سان محدود ٽڪراءَ ۾ رھندڙ، پر مڪمل طور مغرب سان ضم نه ٿيندڙ رياست رهي۔
ھاڻي ٽنھي جي وچ ۾ تضاد ڪٿي پيدا ٿئي ٿو؟ آمريڪا چاھي ٿو ته ايران جو علائقائي ڪردار ۽ فوجي اثر گهٽجي، روس چاھي ٿو ته ايران آمريڪا جي ڪئمپ ۾ نه وڃي، ۽ چين چاھي ٿو ته ايران مستحڪم رهي ۽ توانائي سپلاءِ جاري رھي. جيڪڏھن ايران ۾ ڪو بحران ايترو وڌي وڃي جو رياست کي نئين شڪل اختيار ڪرڻي پوي، ته آمريڪا ان کي “نرم ريجم” ڏانھن ڌڪڻ جي ڪوشش ڪندو، روس ان کي پنھنجي سيڪيورٽي مدار ۾ رکڻ جي ڪوشش ڪندو، ۽ چين ڪنھن به صورت ۾ افراتفري کان پاسو ڪرڻ چاھيندو. اھوئي ٽڪراءُ آھي جتي ٽنھي جون پاليسيون هڪ ٻئي سان ٽڪراءَ ۾ اچي سگھن ٿيون، جيتوڻيڪ ظاھري طور سڀئي “ريجم چينج” جي مخالفت ڪن ٿا۔
مختصر ۾، آمريڪا لاءِ تضاد ڪنٽرول بمقابلہ تبديلي آھي، روس لاءِ وفاداري بمقابلہ خودمختياري، ۽ چين لاءِ استحڪام بمقابلہ غير يقيني صورتحال. ايران ان ٽنھي تضادن جي وچ ۾ ڦاٿل آھي، ۽ موجوده بحران ان ڳالھ کي تيز ڪري رھيو آھي ته ريجم ٽٽي نه، پر بدلجي، جيئن ھر طاقت پنھنجي مفاد مطابق ان مان فائدو وٺي سگهي۔










