تهران (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ دعوا ڪئي آهي ته ايران جي صدر جنگبندي جي درخواست ڪئي آهي ۽ اسين ان تي غور ڪري رهيا آهيون. ٽرٿ سوشل ميڊيا تي هڪ پوسٽ ۾ هن چيو آهي ته ايران جو صدر گهٽ شدت پسند ۽ ڪافي ذهين آهي. هن چيو ته هرمز لنگهه کلڻ گهرجي، اسان ايران کي پٿر جي دور ۾ موڪلي ڇڏينداسين. ٻئي پاسي ايران جي انقلابي گارڊز سعودي عرب ۾ آمريڪي پائلٽن ۽ فائٽر جيٽ عملي تي وڏي حملي جو دعويٰ ڪيو آهي.
لبنان ۾ 48 اسرائيلي فوجي آفيسر ۽ سپاهي زخمي
اسرائيلي فوج جو چوڻ آهي ته لبنان ۾ جهڙپن دوران 24 ڪلاڪن ۾ 48 اهلڪار زخمي ٿيا آهن. فوجي ذريعن موجب، لبنان ۽ ايران سان جنگ شروع ٿيڻ کان پوءِ هينئر تائين 10 اسرائيلي سپاهي مارجي چڪا آهن ۽ 309 ٻيا زخمي ٿيا آهن۔ اسرائيلي فوج چيو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڏکڻ لبنان ۾ ويڙهه ۾ 48 اسرائيلي آفيسر ۽ سپاهي زخمي ٿيا آهن۔
ٽرمپ جو تمام تيزي سان ايران مان نڪرڻ جو اعلان
آمريڪا جلدي ئي ايران مان “تمام تيزي سان نڪري ويندو” ۽ جيڪڏهن ضرورت پئي ته “محدود حملا” ڪرڻ لاءِ واپس به اچي سگهي ٿو، صدر ڊونلڊ ٽرمپ اربع ڏينهن رائٽرز کي ٻڌايو، اُن وقت کان ڪجھه ڪلاڪ اڳ جڏهن هو قوم کي پرائم ٽائيم خطاب ڪرڻ وارو هو۔ جنگ پنهنجي پنجين هفتي ۾ داخل ٿي چڪي آهي ۽ وڌندڙ پيٽرول جي قيمتن سبب ٽرمپ تي دٻاءُ وڌي رهيو آهي ته ڪو نڪرڻ جو رستو اختيار ڪيو وڃي، تنهنڪري صدر رات 9 وڳي (EDT) خطاب طئي ڪيو آهي ته جيئن اڳتي جو لائحه عمل بيان ڪري سگهي۔ سندس تقرير اهڙي ڏينهن جي پڄاڻي ڪندي جنهن جي شروعات ٽرمپ جي سپريم ڪورٽ جي تاريخي دوري سان ٿيندي۔ ٽرمپ، رائٽرز سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ۾ چيو ته سندس تقرير جو هڪ حصو نيٽو (NATO) بابت سندس ناراضگي ظاهر ڪرڻ هوندو، ڇو ته سندس خيال ۾ اتحاد آمريڪي مقصدن جي حمايت نه ڪئي آهي۔ هن چيو ته هو “پڪ سان” آمريڪا کي نيٽو مان ڪڍڻ جي امڪان تي غور ڪري رهيو آهي، جيڪو 1949ع ۾ آمريڪي سينيٽ طرفان منظور ٿيل هڪ معاهدي تي ٻڌل تنظيم آهي۔ “جڏهن اسان کي انهن جي ضرورت هئي، اهي دوست نه رهيا،” ٽرمپ چيو۔ “اسان ڪڏهن به انهن کان گهڻو ڪجهه نه گهريو … اهو هڪ طرفو معاملو آهي۔” جڏهن کانئس پڇيو ويو ته آمريڪا ڪڏهن ايران واري جنگ کي ختم سمجهندو، ٽرمپ چيو: “مان صحيح طرح نٿو ٻڌائي سگهان… اسان تمام جلد نڪري وينداسين۔”
ايٽمي هٿيار
صدر ٽرمپ چيو ته آمريڪي قدمن انهي ڳالهه کي يقيني بڻايو آهي ته ايران وٽ ايٽمي هٿيار نه هوندا۔ “انهن وٽ ايٽمي هٿيار نه هوندا ڇو ته هاڻي اهي ان جي قابل ناهن، پوءِ مان نڪري ويندس ۽ سڀني کي پاڻ سان گڏ وٺي ويندس، ۽ جيڪڏهن ضرورت پئي ته اسان محدود حملا ڪرڻ لاءِ واپس اينداسين.” ايران ڊگهي عرصي کان ان ڳالهه جي ترديد ڪندو آيو آهي ته هو ايٽمي هٿيار ٺاهڻ نٿو چاهي ۽ چوي ٿو ته سندس ايٽمي پروگرام پرامن مقصدن لاءِ آهي۔ ٽرمپ اها به اميد ظاهر ڪئي ته ايران جي نون اڳواڻن سان هڪ معاهدو ٿي سگهي ٿو، خاص ڪري اُن کان پوءِ جڏهن هوائي حملن ۾ سپريم ليڊر علي خامنه اي مارجي ويو۔ “اسان وٽ مڪمل نظامي تبديلي اچي چڪي آهي،” هن چيو۔ “مان اهڙي صورتحال سان معاملو ڪري رهيو آهيان جتي سٺو امڪان آهي ته اسان معاهدو ڪري وٺنداسين، ڇو ته اهي وڌيڪ حملا برداشت ڪرڻ نٿا چاهين۔”
آمريڪي مفادن خلاف پاسداران انقلاب جي دعويٰ
برگيڊيئر جنرل سيد ماجد موسوي چيو ته الخرج علائقي ۾ 200 آمريڪي پائلٽن ۽ عملي جي گهرن کي ميزائلن ۽ ڊرون سان نشانو بڻايو ويو. ساڳئي علائقي ۾ هڪ آمريڪي AWACS جهاز به تباهه ٿيو، ۽ حملي ۾ ڪيترائي ٻيا آمريڪي جهاز به تباهه ٿيا.انقلابي گارڊز نيوي علائقي ۾ جهازن، فوجي گڏجاڻين، ريڊار ۽ ڊرون دفاعي نظام تي چار وڏا حملا ڪرڻ جو به دعويٰ ڪيو.گڏيل عرب امارات جي ساحلي علائقي ۾ آمريڪي ميرينز جي هڪ اجلاس کي ڊرون سان نشانو بڻايو ويو، جيڪو هڪ فوجي اڏي جي ٻاهران منعقد ٿي رهيو هو.بحرين جي مناما ايئرپورٽ جي ويجهو هڪ فوجي اڏي جي ٻاهران واقع آمريڪي پنجين فليٽ جي هاڪ اينٽي ڊرون سسٽم کي به ڊرون سان تباهه ڪرڻ جو دعويٰ ڪيو ويو.ڪويت جي احمد الجابر پڻ آمريڪي فوجي اڏي تي ڊرون سان ٻه ابتدائي خبرداري ريڊار سسٽم تباهه ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي. هن اهو به دعويٰ ڪيو ته فوجي اڏي تي ٻه ابتدائي خبرداري ريڊار سسٽم ڊرون سان تباهه ڪيا آهن.آپريشن وعدي صادق IV جي 88 هين لهر ۾، هڪ اسرائيلي ايڪسپريس هاف اونگ ڪنٽينر جهاز کي ميزائلن سان نشانو بڻايو ويو.انقلابي گارڊز خبردار ڪيو آهي ته هاڻي علائقي ۾ آمريڪا جي 18 اعليٰ ٽيڪ ڪمپنين جي آفيسن کي نشانو بڻايو ويندو ڇاڪاڻ ته ايران ۾ قتل جي مهم جا نشان انهن ٽيڪ ڪمپنين جي مصنوعي ذهانت ۽ انٽرنيٽ ٽيڪنالاجي ذريعي طئي ڪيا ويا هئا.
ايران پاران جنگبندي جي تجويز جي ترديد
ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو آهي ته جنگبندي جي ڪا به تجويز پيش ناهي ڪئي. ايراني خابرو اداري IRIB موجب، عراقچي اُن پنج نڪتن واري منصوبي کي، جيڪو مبينا طور ايران طرفان پيش ڪيو ويو هو، ميڊيا جي “قياس آرائي” قرار ڏنو آهي۔ هن اهو به چيو آهي ته جنگ تيسين جاري رهندي جيستائين “جارح کي سزا نه ڏني وڃي ۽ ايران کي مڪمل معاوضو ادا نه ڪيو وڃي”۔
يو اي اي پاران هرمز لنگهه کولڻ جي آمريڪي ڪوششن جي حمايت
متحده عرب امارات آمريڪا جي اڳواڻي ۾ ٿيندڙ ڪوششن جي مدد لاءِ تياري ڪري رهيو آهي ته جيئن طاقت ذريعي آبنائي هرمز کي ٻيهر کوليو وڃي.وال اسٽريٽ جرنل اڱاري تي رپورٽ ڪيو آهي. رپورٽ ۾عرب عملدارن جو حوالو ڏيندي، اداري ٻڌايو ته يو اي اي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي اهڙي قرارداد لاءِ لابنگ ڪري رهيو آهي جيڪا فوجي ڪارروائي جي اجازت ڏئي، ۽ آمريڪا سان گڏ يورپ ۽ ايشيا جي فوجي طاقتن کي اپيل ڪري رهيو آهي ته هڪ اتحاد ٺاهي هن اهم سامونڊي رستي کي محفوظ بڻايو وڃي. رپورٽ موجب، خليجي ملڪ ممڪنه فوجي ڪردار جو به جائزو وٺي رهيو آهي، جنهن ۾ بارودي سرنگهون صاف ڪرڻ جون ڪارروايون شامل آهن، ڇو ته اهو پهريون ڀيرو سڌي طرح تڪرار ۾ شامل ٿيڻ تي غور ڪري رهيو آهي. رپورٽ ۾ ڏنل بيان مطابق، يو اي اي جي پرڏيهي وزارت چيو آهي ته “آبنائي هرمز ۾ نيويگيشن جي آزادي برقرار رکڻ بابت عالمي سطح تي وسيع اتفاق موجود آهي”، ۽ هن سامونڊي رستي ۾ خلل جي عالمي مذمت ڏانهن اشارو ڪيو.
آمريڪا ۽ اسرائيل جا ايران اسٽيل ملز تي تمام وڏا حملا
الجزيره موجب، آمريڪا ۽اسرائيل، ايران جي مرڪزي ۽ ڏکڻ اولهه وارن علائقن ۾ اسٽيل ڪمپليڪسز کي نشانو بڻائيندي حملا ڪيا آهن. جنهن سبب پيداوار جا يونٽ متاثر ٿيا آهن، ايراني ميڊيا رپورٽ ڪري رهي آهي. فارس نيوز رپورٽ ڪيو آهي ته اصفهان ۾ اسٽيل جي وڏي ڪمپني مبارڪ اسٽيل ڪمپني جي ڪمپليڪس تي به حملو ڪيو آهي. اسٽيل جي پيداوار سخت متاثر ٿي آهي. الجزيره مطابق، فارس چيو ته ڪمپني جي هڪ ماتحت اداريس Sefid Dasht Steel، جيڪو ڏکڻ اولهه صوبي چهارمحال ۽ بختياري ۾ واقع آهي، پڻ “نقصان ۽ مالي زيان” برداشت ڪيو آهي. اصفهان واري ڪمپليڪس تي جمعي ڏينهن حملي ڪيو ويو، گڏوگڏ ڏکڻ اولهه ايران ۾ خوزستان اسٽيل فيڪٽريز تي به حملا ٿيا. اسٽيل صنعتي ۽ فوجي پيداوار لاءِ هڪ اهم مواد آهي، جنهن ۾ ميزائل، ڊرون ۽ جهازن جي تياري به شامل آهي.
ايران ۾ جاسوسي جي الزام ۾ 65 ماڻهو گرفتار
ايران جي IRGC (اسلامي انقلابي گارڊ ڪور) چيو آهي ته مرڪزي صوبي ۾ 65 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ۽ دعويٰ ڪئي آهي ته اهي “دشمن سان لاڳاپيل ايجنٽ ۽ ساٿي ۽ دهشتگرد گروهن جا ميمبر” هئا. ايران چيو آهي ته تازن ڏينهن ۽ مهينن دوران هن ڪيترن ئي ماڻهن کي گرفتار ڪيو آهي، جن تي الزام آهي ته هنن آمريڪا يا اسرائيل کي معلومات فراهم ڪئي يا ڪنهن ٻئي طريقي سان قومي سلامتي کي نقصان پهچايو.
عرب ملڪن تي ايران جا حملا جاري، ڪويتي ٽئنڪر کي باهه
قطر جي دفاع واري وزارت چيو آهي ته ايران طرفان 3 ميزائل فائر ڪيا ويا، جنهن مان ٻه روڪي ورتا، جڏهن ته هڪ قطر جي سامونڊي حدن ۾ قطر انرجي طرفان ڪرائي تي ورتل تيل جي ٽينڪر کي لڳو. ايراني ڊرونز ڪويت انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي ٻارڻ جي ٽينڪن کي به نشانو بڻايو، جنهن سبب “وڏي باهه” لڳي وئي. ايران جي حملي سبب بحرين ۾ هڪ نامعلوم ڪمپني جي سهولت تي به باهه لڳي وئي. متحده عرب امارات جي فجيره شهر ۾ روڪيل ڊرون جا ٽڪرا ڪرڻ سبب هڪ بنگلاديشي شهري فوت ٿي ويو. سعودي عرب جي دفاعي نظام ٻن ڊرونز کي روڪي ڇڏيو.
حوثين جا ڏکڻ اسرائيل تي حملا جاري
گروپ جي عهديدارن صاف لفظن ۾ چيو آهي ته اهي حملا تڏهن ئي روڪيندا جڏهن اسرائيل سندن مطالبا مڃيندو، جن ۾ غزه جنگبندي معاهدي تي عمل ڪرڻ ۽ ايران خلاف آمريڪا جي فوجي ڪارروائين ۾ حصو نه وٺڻ شامل آهي. اسان کي محمد البخيتي کان به ڄاڻ ملي آهي، جيڪو حوثين جو هڪ اهم عهديدار آهي، ته فوجي ڇڪتاڻ وڌائڻ بابت حوثين وٽ اڳتي وڌيڪ مرحلا ۽ آپشن موجود آهن. سندس چوڻ موجب انهن مان هڪ آپشن باب المندب کي بند ڪرڻ به آهي. حوثين ٽيون ڀيرو اسرائيل تي اڄ بيلسٽڪ ميزائيل فائر ڪيا آهن.
ايران تي آمريڪا ۽ اسرائيلي حملن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 10 نرسون شهيد
ايران تي آمريڪا ۽ اسرائيلي حملن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 10 نرسون شهيد ٿيون.ڊي جي نرسنگ سسٽم آرگنائيزيشن جو چوڻ آهي ته نرسن کي ڊيوٽي دوران نشانو بڻايو ويو.
ٻه ٽيون آمريڪي ايران جنگ جو فوري طور تي خاتمو چاهين ٿا: سروي
برطانوي نيوز ايجنسي رائٽرز ۽ IPSOS POLL پاران ايران جنگ تي هڪ سروي ڪيو ويو.سروي ۾ ڏٺو ويو ته ٻه ٽيون آمريڪي سمجهن ٿا ته ايران جنگ فوري طور تي ختم ٿيڻ گهرجي، ۽ جيتوڻيڪ مقصد حاصل نه ٿين.سروي موجب، 10 مان 4 ريپبلڪن پڻ سمجهن ٿا ته آمريڪا کي ايران جنگ فوري طور تي ختم ڪرڻ گهرجي.
پولينڊ جو پيٽرياٽ هوائي دفاعي نظام وچ اوڀر موڪلڻ کان انڪار
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب، پولينڊ پنهنجو پيٽرياٽ هوائي دفاعي نظام وچ اوڀر ڏانهن موڪلڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.ان حوالي سان، پولش دفاع واري وزير چيو ته پيٽرياٽ بيٽريون ۽ انهن جا هٿيار پولش هوائي حدن ۽ نيٽو جي اوڀر محاذ جي دفاع لاءِ استعمال ڪيا پيا وڃن.رپورٽن موجب، هي اعلان ميڊيا جي رپورٽن کان پوءِ ڪيو ويو آهي جنهن ۾ دعويٰ ڪئي وئي هئي ته آمريڪا ايران خلاف جنگ ۾ انهن نظامن کي استعمال ڪرڻ چاهي ٿو.
ايران جا علائقائي اتحادي هاڻي اسرائيل لاءِ خطرو نه آهن: نيتن ياهو
اسرائيلي وزيراعظم بنجمن نيتن ياهو چيو آهي ته ايران جا علائقائي اتحادي هاڻي اسرائيل لاءِ خطرو نه آهن.هڪ بيان ۾ نيتن ياهو چيو ته هن جنگ اسان کي خطي ۾ ايران خلاف هڪ نئون اتحاد ٺاهڻ جو موقعو فراهم ڪيو. هن چيو ته اهي ايراني خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ خطي جي اهم ملڪن سان اتحاد ٺاهي رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته ايران اڃا تائين اسرائيل تي ڊرون ۽ ميزائل لانچ ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو.نيوز ايجنسي جي مطابق، نيتن ياهو اتحاد ۾ شامل ملڪن جو نالو نه ورتو.
آمريڪا ۽ اسرائيل جي بمباري جي باوجود، ايران جي مختلف شهرن ۾ عوامي مظاهرا
ايراني صدر مسعود پيشڪشيان ۽ پرڏيهي وزير عباس عراقچي مظاهرن ۾ شرڪت ڪئي. صدر پيشڪشيان چيو ته عوام کي قومي اتحاد، سماجي هم آهنگي ۽ اسلامي انقلاب جي حفاظت جاري رکڻ گهرجي. ان موقعي تي پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو ته هن پنهنجي جذبي کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ ريلي ۾ شرڪت ڪئي.
اميد آهي ته ايران جنگ 5 اپريل تي ايسٽر کان اڳ ختم ٿي ويندي، پوپ ليو
عيسائين جي روحاني اڳواڻ پوپ ليو خطي ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته کيس اميد آهي ته ايران جنگ 5 اپريل تي ايسٽر کان اڳ ختم ٿي ويندي.
ايران جنگ هاڻي پنهنجي پڄاڻيءَ جي ويجهو آهي، آمريڪي پرڏيهي وزير
آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو چيو ته اسان ڏسي سگهون ٿا ته ايران جنگ هاڻي پنهنجي پڄاڻيءَ جي ويجهو آهي. جنگ اڄ يا سڀاڻي ختم نه ٿيندي، پر ان جو خاتمو يقيني آهي. آمريڪي پرڏيهي وزير ڪنهن مرحلي تي ايران سان سڌي ملاقات جو امڪان پڻ ظاهر ڪيو.
لبنان تي اسرائيلي هوائي حملو، هڪ حاملہ عورت سميت 8 ماڻهو شهيد
اسرائيلي فوج لبنان جي ڏکڻ علائقي تي هوائي حملو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ حاملہ عورت سميت 8 ماڻهو شهيد ٿي ويا.اسرائيلي فوج دعويٰ ڪئي آهي ته هن ڏکڻ لبنان ۾ راڪيٽ لانچنگ سائيٽن کي نشانو بڻايو آهي، جتان تازن ڏينهن ۾ اسرائيل ڏانهن راڪيٽ فائر ڪيا ويا آهن.اسرائيلي فوج جي ترجمان چيو ته اسرائيلي فوج وڌيڪ لانچنگ سائيٽن جي نگراني ڪري رهي آهي ۽ جيڪڏهن ضرورت پئي ته انهن کي نشانو بڻائيندي.ٻئي طرف، لبنان جي صحت واري وزارت جي مطابق، 2 مارچ کان وٺي اسرائيلي حملن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 1,268 ماڻهو مارجي ويا آهن، جن ۾ 100 کان وڌيڪ ٻار به شامل آهن.
آمريڪي صدر جو 2 کان 3 هفتن ۾ ايران مان نڪرڻ جو اعلان
وائيٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي، صدر ٽرمپ دعويٰ ڪئي ته ايران ۾ حڪومت جي تبديلي اڳ ئي ٿي چڪي آهي، پر حڪومت جي تبديلي آمريڪا جو مقصد نه هو، پر فوجي ڪارروائي جو اصل مقصد ايران کي ايٽمي هٿيار حاصل ڪرڻ کان روڪڻ هو، ۽ اهو مقصد حاصل ڪيو ويو آهي.
آمريڪا ۽ اسرائيل وچ ايران ۾ موبارڪه اسٽيل پلانٽ تي ٻيهر حملو ڪيو
ايران جي موبارڪه اسٽيل پلانٽ کي هڪ هفتي ۾ ٻيو ڀيرو نشانو بڻايو ويو. رپورٽ موجب آمريڪي چيئرمين آف جوائنٽ چيفس آف اسٽاف چيو آهي ته هوائي برتري کان پوءِ، بي-52 بمبارن کي ايران تي اڏامڻ شروع ڪرڻ گهرجي. هاڻي تائين، ايران تي 11,000 حملا ڪيا ويا آهن، جن ۾ ميزائل، ڊرون ۽ رسد کي نشانو بڻايو ويو آهي جيڪي نيوي کي سپلاءِ ڪندا آهن.
10 مان 4 ريپبلڪن جو خيال آهي ته آمريڪا کي ايران جنگ فوري طور تي ختم ڪرڻ گهرجي: سروي
آمريڪا-ايران جنگ سان لاڳاپيل هڪ سروي موجب، 10 مان 4 ريپبلڪن جو خيال آهي ته جنگ مقصد حاصل ڪرڻ کان سواءِ به ختم ٿيڻ گهرجي، جڏهن ته ٻه ٽيون آمريڪي سمجهن ٿا ته جنگ فوري طور تي ختم ٿيڻ گهرجي. ٻه ٽيون آمريڪي سمجهن ٿا ته جنگ مقصد حاصل ڪرڻ کان سواءِ به ختم ٿيڻ گهرجي.
ڊونلڊ ٽرمپ شايد ڪنهن معاهدي کانسواءِ ايران جنگ کي روڪڻ جو فيصلو ڪري سگهي ٿو، اسرائيلي ميڊيا
خطي ۾ جنگ بندي بابت قياس آرائيون تيز ٿي ويون آهن. اسرائيلي ميڊيا موجب، اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو جنگ کي روڪڻ جي امڪان لاءِ رستو هموار ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته ڊونلڊ ٽرمپ شايد ڪنهن معاهدي کانسواءِ ايران جنگ کي روڪڻ جو فيصلو ڪري سگهي ٿو.
يورپي ڪميشن جو شهرين کي گهر کان ڪم ڪرڻ جي هدايت
يورپي ميڊيا موجب، يورپ ۾ رهندڙ ماڻهن کي ڊرائيونگ ۽ هوائي سفر گهٽائڻ جي ترغيب ڏني وئي آهي. يورپي ڪميشن موجب، ايران جنگ جي ڪري توانائي جي ڊگهي بحران جو خطرو آهي. يورپي ملڪن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اهي فوري طور تي قابل تجديد توانائي اختيار ڪن. يورپي ڪميشن بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ هنگامي قدمن کي تيز ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو.
يو اي اي ۾ منهاد بيس ويجهو خفيه بيس تي حملو، ايراني ميڊيا
ايراني ميڊيا موجب، گڏيل عرب امارات ۾ منهاد بيس ويجهو هڪ خفيه بيس کي نشانو بڻايو ويو. خفيه بيس ۾ گهٽ ۾ گهٽ 200 آمريڪي سپاهي ۽ آفيسر موجود هئا.ايراني انقلابي گارڊ ڪور اعلان ڪيو ته هو اڄ کان علائقي ۾ آمريڪي ڪمپنين تي حملو ڪندو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته ايران ۾ هر دهشتگرد حملي جي بدلي ۾، انهن ڪمپنين کي پنهنجي يونٽن ۾ تباهي جي اميد رکڻ گهرجي.بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته آمريڪي آئي سي ٽي ۽ اي آءِ ڪمپنيون نشانن جي منصوبابندي جي نگراني ڪن ٿيون، تنهن ڪري هاڻي آمريڪي آئي سي ٽي ۽ اي آءِ ڪمپنيون جائز نشانو هونديون. انهن ڪمپنين جا ملازم ۽ آس پاس ۾ رهندڙ ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي وڃڻ گهرجي. فهرست ۾ آمريڪي ٽيڪ ڪمپنيون ۽ جهاز ٺاهيندڙ پڻ شامل آهن.










