تهران (ويب ڊيسڪ) ايران نار فارس جي اهم سامونڊي لنگهه آبنائي هرمز ڀرسان فضائي حدن ۾ لائيو فائر مشقون ڪرڻ جو اعلان ڪندي نوٽم جاري ڪري ڇڏيو.اهو قدم اهڙي وقت ۾ سامهون آيو آهي، جڏهن آمريڪي فوجي اثاثا وچ اوڀر ۾ پهچي چڪا آهن جنهن سان خطي ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي آهي.ايران جي نوٽيس موجب اهي فوجي مشقون 27 کان 29 جنوري تائين 5 ناٽيڪل ميل جي دائري ۾ زمين جي سطح کان وٺي 25000 فوٽ تائين جي فضائي حصي ۾ ڪيون وينديون. ان دوران لاڳاپيل فضائي حدن کي خطرناڪ قرار ڏنو ويو آهي ۽ اڏامون محدود رهنديون، هرمز جو سوڙهو رستو عالمي واپار لاءِ انتهائي اهم آهي، جتان روز لکين بيرل تيل منتقل ٿيندو آهي.










