اياز لطيف ۽ رياض چانڊيو اين سي سي آءِ اي ڪراچي ۾ طلب
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)اين سي سي آءِ اي ڪراچي قومپرست اڳواڻن اياز لطيف پليجو ۽ رياض چانڊيو کي ضابطه فوجداري جي دفعه 160 تحت طلبي جا نوٽيس جاري ڪيو آهي. دستاويزن موجب ٻنهي کي اين سي سي آءِ اي ڪراچي جي آفيس ۾ پيش ٿي جاچ ۾ شامل ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.