حيدر آباد (ن س )قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ ايازلطيف پليجو جي يو آئي جي صوبائي جنرل سيڪريٽري راشد محمود سومرو ۽ مسلم ليگ (ن) سنڌ جي صدر بشير ميمڻ سان فون تي رابطو ڪري 16 فيبروري ڌرڻي جي دعوت ڏني. راشد سومرو ۽ بشير ميمڻ شرڪت جي خاطري ڪرائي. اياز لطيف پليجي چيو آهي تہ 16 فيبروري تي لکين ماڻھو بوگس اليڪشن خلاف پنھنجو ريفرينڊم ڏيندا. سنڌ جي وسيلن کي نيلام ڪرڻ لاء جعلي اليڪشن جو ڊرامو ڪيو ويو. جعلي اليڪشن رياست ۽ سنڌ تي حملو آھي. جنھن جا نتيجا خطرناڪ ٿيندا. اسٽيبلشمينٽ پي ٽي آئي سان جھيڙي ۾ سنڌ کي استعمال ڪري تباھ ڪري رھي آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ 2013، 2018 جيان ھن دفعي بہ 2024 واري اليڪشن ڪرپٽ مافيا زرداري کي سنڌ پليٽ ۾ رکي ڏني وئي آهي. پيپلزپارٽي ۽ زرداري ٽولي وٽ سنڌ جي غريب عوام لاء ڪو احساس ناھي، اقتدار ھنن جو ڪاروبار آھي. پيپلزپارٽي ۽ زرداري ٽولو سنڌ جي عوام کي پنھنجو غلام سمجھن ٿا. ھي صرف اقتدار حاصل ڪرڻ لاء عوام دوستي ۽ جمھوريت جو ڪوڙو ڍونگ ڪن ٿا. اياز لطيف پليجي چيو تہ زرداري ٽولو ۽ پيپلز پارٽي سدائين سنڌي ماڻهن کان ووٽ وٺي پوءِ انهن جي پٺي ۾ خنجر ھنيا آهن. ھنن سنڌ کي تباھ ۽ برباد ڪري ڇڏيو آهي. زمينن، پاڻي ،ڪارونجهر، شھرن جبلن سميت سمورا وسيلا اقتدار خاطر وڪڻي ڇڏيا آهن. پيپلزپارٽي ۽ زرداري مافيا جنهن پنهنجي مسلسل پندرهن سالن جي اقتداري دور دوران سنڌ کي تباهي ڪرپشن کان سواءِ ڪجھ نہ ڏنو. سنڌ جا شھر ٻھراڙيون گيس ۽ پيئڻ جي صاف پاڻي جي سھولت کان محروم آھن. لکين ماڻھو ھيپاٽائيٽس جو شڪار آھن. نياڻين جي اعلي تعليم جا دروازا بند آھن. صحت جون بنيادي سھولتون ناھن. شھر ڪچري جو ڍير بنيل آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ مان تيل ۽ گئس نڪري ٿو جيڪو سڄو ملڪ استعمال ڪري ٿو پر قدرتي وسيلن وارن ضلعن جون ٻھراڙيون گئس جي بنيادي سھولت کان محروم آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جي اڪثر ضلعن ۾ زمين جو پاڻي زھريلو ٿي ويو آھي. پيئڻ جو صاف پاڻي نہ ھجڻ ڪري لکين ماڻھو سنکيو مليل زھريلو پاڻي پيئڻ تي مجبور آھن، جنھن ڪري ھيپاٽائيٽس ۽ ٻيون بيماريون پکڙجي ويون آھن، سنڌ ۾ تعليمي ادارن جي حالت رحم جوڳي آھي.










