ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ ايئرپورٽ ويجهو پرڏيهين تي خودڪش حملي جي سهولتڪاري جي ڪيس ۾ گرفتار جوابدار عورت گل نسا جي ضمانت جي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي.پراسيڪيوشن موجب جوابدار عورت تي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ ويجهو پرڏيهين تي خودڪش حملي جي سهولتڪاري جو الزام آهي، جوابدار خودڪش بمبار شاهه فهد سان گڏ ڪار ۾ ويٺو هئي جڏهن هو حب کان ڪراچي ۾ داخل ٿيو، ملزمه جي وڪيل شوڪت حيات ايڊووڪيٽ جو چوڻ آهي ته ملزمه خلاف ڪو به ثبوت ناهي ۽ نه ئي ملزمه جي ڪنهن پابندي مڙهيل تنظيم سان لاڳاپن جو ڪو ثبوت آهي، عدالت ۾ دفاع جي وڪيل چيو ته سي سي ٽي وي فوٽيج ۾ نظر ايندڙ عورت گل نسا ناهي، پراسيڪيوشن چيو ته ملزم جاويد کي به ڪيس ۾ سهولتڪاري جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.










