اوٻاوڙو، نئون ديرو ۽ مانجهند لڳ حادثن ۾ 6 فور 18 زخمي

اوٻاوڙو، نئون ديرو ۽ مانجهند لڳ حادثن ۾ 6 فور 18 زخمي

ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ روڊ حادثن جي 5 واقعن ۾ 6 ڄڻا فوت ۽ 18 ڄڻا زخمي ٿي پيا جن مان 5 جي حالت نازڪ آهي. ****مانجھند مان مهراڻ عمراڻي موجب، انڊس هاءِ وي تي  ٽن ڌار ڌار روڊ حادثن ۾ 3 ڄڻا فوت 17 ڄڻا زخمي ٿي پيا. آمري ڀرسان وڏا ڇڇر انڊس هاء وي تي ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب ميهڙ کان ڪوٽڙي طرف ويندڙ وين ڪلٽيون کائي کاهي ۾ ڪري پئي  جنهن جي نتيجي ۾ 5 ورهين جو ڪوٽڙي واسي ٻارڙو شناور علي ولد محمد علي گورياڻي ۽ ميهڙ واسي 45 ورهين جو امير علي ولد حاجي خان چانڊيو موقعي تي فوت ٿي ويا جڏهن ت   محمد علي گورياڻي عبدالله مسمات ڪائنات مسمات رضيه مسمات آمنه نشاد گورياڻي امداد علي خاصخيلي غلام الله عبدالغفور مسمات رفعت عائشھ  سميت 15  ڄڻا زخمي ٿي پيا فوتين جي لاشن ۽ زخمين کي آمري ۽ سن اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو جتي ڊاڪٽر ۽ عملو گهٽ ھئڻ ۽  علاج جي ڪابه سهولت نه هئڻ سبب زخمي تڙپندا رهيا جڏهن ته ڪيترن ئي زخمين کي زمين تي ليٽايو ويو لاشن جي پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا جڏهن ت زخمين مان 5 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ سبب کين سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو . مانجهند ڀرسان خوفناڪ حادثو نوجوان چيڀاٽجي فوت هڪ زخمي هڪ ڪلاڪ روڊ بند ڪيو ويو. ڳوٺ خاصائي  انڊس هاء وي تي سيوهڻ کان ڄامشورو طرف ويندڙ ڪار ۽ ٽرڪ سائيڊ کان ٽڪرائجي وڃڻ جي نتيجي ۾ ڪار سوار 35 ورهين جو فيصل آباد واسي حسنين احمد پٽ عارف علي موقعي تي چيڀاٽجي فوت ٿي ويو جڏهن ت حنيف احمد ولد عرفان سخت  زخمي  ٿي پيو  مقامي ماڻھن فوتي جي لاش کي فوري طور ٻاهر ڪڍيو جڏهن ت  زخمي ٽرڪ ۾ ڦاسي پوڻ سبب هڪ ڪلاڪ جي جدوجهد کان پوء ٻاهر ڪڍيو ويو جنهن دوران روڊ پڻ بند ٿي ويو سوين گاڏيون بيهجي ويون  فوتي جي لاش ۽ زخمي کي تعلقه اسپتال مانجهند منتقل ڪيو ويو جتي زخمي جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ سبب کيس لمس اسپتال ڄامشورو منتقل ڪيو خاڻوٺ پوليس ٽرڪ کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو جڏهن ت ڊرائيور فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو. ٽيون حادثو سن ڀرسان ڳوٺ نور پور انڊس هاء وي تي تيز رفتار ڪار جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر هڻڻ جي نتيجي ۾ مانجهند واسي ريٽائرڊ پوليس اهلڪار لکاڏنو تنگهياڻي سخت زخمي ٿي پيو سن هيلٿ سينٽر ۾ سندس حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ سبب کيس سول اسپتال حيدرآباد ريفر ڪيو ويو جڏهن ت ڊرائيور ڪار سميت فرار ٿي ويو جڏهن ت واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو. ****اوٻاوڙو مان غلام علي رند موجب ميرپور ماٿيلو باء پاس قومي شاهراھ موت جو راڪاس بڻجي ويو تيز رفتار ڊمپر جي ٽڪر لڳڻ سبب  راڄڙي برادري سان تعلق رکندڙ اوٻاوڙو واسي نوجوان محمد ھاشم راڄڙي فوت لاش گھر پهچڻ تي گھر ۾ ڪھرام مچي ويو.*** نئون ديرو مان شاد محمد ڀٽو موجب ڄڃ سان حادثو، 2 نوجوان فوت ۽ هڪ زخمي، شاديءَ جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون . چنا ڀٽا لاڙي وٽ ڄڃ سان گڏ شاديءَ تي ويندڙ موٽر سائيڪل سامهون ايندڙ گڏهه گاڏي سان ٽڪرائجي وئي جنهن جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل تي سوار 30 ورهين جو عبدالخالق مهر موقعي تي فوت ٿي ويو جڏهن ته مقصود مهر ۽ سليم مهر شديد زخمي ٿي پيا جن کي علاج لاءِ فوري طور نئون ديرو اسپتال آندو ويو جتي مقصود مهر زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻيءَ حوالي ڪري ڇڏيو جنهن بعد زخمي سليم مهر کي وڌيڪ علاج لاءِ چانڊڪا اسپتال لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ويو جڏهن ته حادثي ۾ فوت ٿي ويل عبدالخالق مهر ۽ مقصود مهر  ۽ زخمي سليم مهر لکي تعلقي جي ڳوٺ قادن جا رهواسي ٻڌايا وڃن ٿاجيڪي شاديءَ ۾ ڄڃ سان گڏ وڃي رهيا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو