لاهور(ويب ڊيسڪ)وزيراعظم عمران خان ۽ وفاقي وزير طارق بشير چيما وچ ۾ ملاقات جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي آهي. ذريعن موجب وزيراعظم ۽ طارق بشير چيما وچ ۾ سياسي صورتحال ۽ مستقبل جي صورتحال سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ذريعن جو چوڻ آهي ته طارق بشير چيما حڪومتي ميمبرن جي ٽٽڻ جي صورت ۾ مستقبل جي سياسي سهڪار تي ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته جيڪڏهن توهان جا 15 يا 20 ميمبر ٽٽي پيا ته اسان به اپوزيشن سان گڏ هلڻ تي مجبور ٿي وينداسين. ذريعن موجب طارق بشير چيما وزيراعظم کي ٻڌايو ته هو اتحاد جي معاملن ۾ ساڻس گڏ آهن، پر پي ٽي آءِ متحد نه رهي ته پوءِ هو ساڻن گڏ هلي نه سگهندا.










