اولمپڪ گيم، پاڪستان لاءِ هڪ ٻيو گولڊ ميڊل، ميڊلن جو انگ 10 ٿي ويو

اولمپڪ گيم، پاڪستان لاءِ هڪ ٻيو گولڊ ميڊل، ميڊلن جو انگ 10 ٿي ويو

لاهور (ويب ڊيسڪ)اسپيشل اولمپڪس ورلڊ گيمز ۾ پاڪستان هڪ ٻيو گولڊ ميڊل کٽي ورتو جنهن سان پاڪستان جي گولڊ ميڊلن جو انگ 10 ٿي ويو آهي.پاڪستان جي سفير عابد سائيڪلنگ ايونٽس ۾ گولڊ ميڊل کٽي ورتو، سفير 10 ڪلوميٽر ريس 23 منٽ 02 سيڪنڊن ۾ مڪمل ڪري گولڊ ميڊل کٽي ورتو. پاڪستان جي مديحا طاهر عورتن جي سائيڪلنگ ۾ سلور ميڊل کٽي ورتو. مديحا 500 ميٽر ٽائم ٽرائل ۾ به چاندي جو تمغا کٽيو.آمنه رشيد سائيڪلنگ ۾ برونز ميڊل کٽيو.فٽسال مقابلن ۾ پاڪستان چانديءَ جو تمغا کٽي ورتو، فٽبال جي فائنل ۾ پاڪستان اومان کي 3 جي مقابلي ۾ 6 گولن تان شڪست ڏني.ٻئي طرف پاڪستان بوڪي ٽيم ايونٽ ۾ سلور ميڊل کٽي ورتو.

پهنجو تبصرو موڪليو