تحرير اعجاز علي سوڍر
انسان لاءِ رت جا رشتا تمام گھڻي اهميت رکندا آهن. هن دنيا ۾ بنا لوڀ ۽ لالچ جي محبت ڪرڻ وارا صرف ابو امان ئي هوندا آهن. ابو امان گڏجي پنهنجو سارو جيون اولاد کي ارپي ڇڏيندا آهن. اولاد جي پيدا ٿيڻ تي سندن سموري اميدن جو مرڪز اولاد ئي بڻجي ويندو آهي. کانئن پنهنجو سڀ ڪجھ وسري ويندو آهي، حتى ڪه کانئن پنهنجو وجود به وسريل لڳندو آهي. هو صرف ۽ صرف پنهنجي اولاد خاطر ئي جيئندا آهن. اولاد جي وڏي ٿيڻ کان پوءِ آهستي آهستي پنهنجي هر هڪ شيءِ کان لاتعلق ٿيڻ لڳندا آهن. ايتري حد تائين جو هو پنهنجي ڪمايل مال ملڪيت اولاد کي سونپي پاڻ کي آجو ڪندا آهن. ابي امان جو وجود اولاد لاءِ سڀ کان وڏو محافظ هوندو آهي. ابو امان اولاد جو اي ٽي ايم ۽ اڪائونٽ هوندو آهي. ابو اولاد لاءِ محنت مزدوري ڪري مال ملڪيت جوڙڻ وارو هوندو آهي. هر اولاد کي برابر پاليندو آهي. ابو جڏهن ڪراڙو ٿي پوندو آهي ته پنهنجي سموري ذميواري ۽ پڳ پنهنجي وڏي پٽ کي سونپيندو آهي. کيس اها اميد هوندي آهي ته هي هاڻي منهنجي جاءِ تي پنهنجي ڀائرن ۽ ڀينرن سان انصاف سان هلندو. ڪڏهن ڪڏهن ابو اولاد جي جوان ٿيڻ کان پهريان کين ڇڏي راھ رباني اختيار ڪندو آهي، جنهن ڪري ابي جو سمورو ذمو خود بخود وڏي ڀاءُ تي اچي ويندو آهي. اسان جي معاشري ۾ وڏي ڀاءُ کي ابي جو درجو مليل هوندو آهي. جيئن ابو پنهنجي اولاد جي هر هڪ فيصلي ڪرڻ جو حق محفوظ رکي ٿو بلڪل تيئن وڏي ڀاءُ کي ننڍن جا سمورا فيصلا ڪرڻ جو حق حاصل هوندو آهي. ننڍا ڀائر توڙي ڀينرون کيس ابي جو درجو ڏئي سندس هر حڪم جي تعميل ڪندا آهن ۽ کيس اوترو ئي ادب ۽ احترام ڏيندا آهن جيڪو ابي کي حاصل هوندو آهي. هو ابي جيان ننڍن ڀينرن ۽ ڀائرن جي زندگيءَ جا فيصلا پنهنجي مرضيءَ مطابق ڪندو آهي.ابي جو وڏو پٽ هئڻ جي ناتي ڀينرن ۽ ننڍي ڀائرن جو هر ذمو مٿس لاڳو ٿي ويندو آهي ۽ ابي جي سموري ملڪيت مٿان سندس قبضو هوندو آهي. اڪثر اهي وڏا ڀائر ابي جي مليل ان گڏيل ملڪيت کي وڌائيندا رهندا آهن. اگر پيءُ جي مليل گڏيل ملڪيت لکن جي هوندي آهي ته وڏو پٽ وقت گذرڻ سان ان کي ڪروڙن ۾ تبديل ڪري وٺندو آهي. انهيءَ سموري ملڪيت ۾ سندس ننڍا ڀائر برابر جا شريڪ هوندا آهن. دنيا جو دستور آهي ته ننڍو توڙي وڏو هر فرد ڪجھ نه ڪجھ ڪم ڪار ڪندو رهندو آهي. بنا طئي ڪرڻ جي سندن ذميواريون از خود ورهائجي وينديون آهن. هر فرد پنهنجي ذميواري کان چڱي ريت واقف هوندو آهي. اسان جي ماحول ۾ ڪجھ وڏا ڀائر بلڪل ابي جو روپ اختيار ڪري وٺندا آهن، اهي پنهنجو سڀ ڪجھ قربان ڪري رشتن جو تقدس برقرار رکڻ جي ڪوشش ۾ هوندا آهن، چاهي ڪيترو به نقصان ٿئي پر هر حال ۾ رشتن کي نڀائڻ جا جتن ڪندا آهن، ننڍن ڀائرن ۽ ڀينرن کي وڌيڪ ڏيڻ سندن خواهش هوندي آهي، ڇوته هو کين پنهنجا ٻچا سمجھي ابي جيان پنهنجو فرض نڀائيندا آهن، سندن دل به ابي جي دل جيان نرم ٿي پوندي آهي. اسان جي معاشري ۾ ڪجھ اهڙا به وڏا ڀائر موجود آهن جيڪي ابي جي ملڪيت کي پنهنجي ذاتي ملڪيت سمجھي ڪاريهر نانگ جيان گهيرو ڪري ويٺل نظر اچن ٿا. ابي جي ملڪيت منجھان ملندڙ گڏيل ملڪيت تي قبضو ڪري ننڍن ڀائرن ۽ ڀينرن کي محروم رکندا آهن. اهي رت جا رشتا وساري لالچ ۾ انڌا ٿي پوندا آهن. کانئن اهو به وسري ويندو آهي ته ڀائر چيلھ جو سندرو هوندا آهن، بازو ۽ طاقت هوندا آهن. ابي جو اولاد هئڻ جي ناتي هي ڀينرون ۽ ڀائر ان ملڪيت ۾ برابر جا شريڪ هوندا آهن. خير ڀينرن کي حصو ڏيڻ ته اسان جي معاشري ۾ پنهنجي شان جي خلاف سمجھيو ويندو آهي، ڀينرن جو حصو کائڻ جائز سمجھيو ويندو آهي. ڀينرن کي حصو ڏيڻ يا ڀينرن جو حصو گھرڻ عيب سمجھيو ويندو آهي، مگر ڀائرن کي به حصو ڏيڻ کان نابري واري ويٺل وڏا ڀائر به کوڙ سارا موجود هوندا آهن. ابي طرفان مليل اها گڏيل ملڪيت اهڙن وڏن ڀائرن جي هٿ ۾ اچڻ ڪري رت جا رشتا ٽٽي پون ٿا، ننڍا ڀائر بغاوت تي لهي اچن ٿا، ڪي ننڍا ڀائر قطع تعلق ڪري ڇڏيندا آهن ته وري ڪي وڏي ڀاءُ سان وڙهڻ ۽ ڪورٽ ڪچهري تائين پهچي وڃن ٿا. ڪجھ ته ويچارا سڀ سور دل ۾ رکي بس وڏي ڀاءُ کي ابو سمجھي خاموش رهن ٿا. هيءَ ملڪيت ابي جي ڪمايل هوندي آهي، هن ۾ سڀني اولاد جو حصو مقرر ٿيل آهي. شريعت طرفان ٻه ڀينرن جيترو هڪ ڀاءُ کي ملندو آهي، وڏو ڀاءُ ۽ ننڍو ڀاءُ ان ملڪيت ۾ برابر جا حصيدار هوندا آهن. ايئن هرگز نه آهي ته ڪو وڏي ڀاءُ کي ڪجھ سوايو حصو مليل هوندو آهي. پر اهڙا وڏا ڀائر سموري ملڪيت تي واسينگ بڻجي ڦڻ ڪڍي ويهي رهن ٿا. اسان جي علائقي ۾ ٻه تمام گھڻي ملڪيت جا مالڪ ڀائر ان ملڪيت جي تضاد تي هڪ ٻئي سان ڪاوڙجي پيا، وڏو ڀاءُ ننڍي ڀاءُ کي پورو حصو ڏيڻ تي راضي نه ٿيو، آخر ٻنهي ۾ نفرت پيدا ٿي ۽ هو ڪاوڙجي پيا. وقت گذرندو رهيو، جڏهن وڏو ڀاءُ قريب المرگ ٿيو ته کيس احساس ٿيو ۽ دانهون ڪندو رهيو ته منهنجي ننڍي ڀاءُ کي مون وٽ وٺي اچو. بس هڪ دفعو صرف مون کي پنهنجو منهن ڏيکاري وڃي، مان ان جي بدلي کيس پنهنجي حصي جي به سموري ملڪيت ڏيڻ لاءِ تيار آهيان. مگر سندس ننڍي ڀاءُ جي دل ۾ ان وڏي ڀاءُ جي ايتري ته نفرت ويٺل هئي جو هو سندس موت تائين سندس سامهون نه آيو، کيس ڏک پهتل هو، سو نه اچڻو هو نه آيو. آخرڪار وڏو ڀاءُ پنهنجي ننڍي ڀاءُ جو چهرو ڏسڻ جي حسرت دل ۾ رکي دنيا کان روانو ٿي ويو. ڪروڙين روپين جي ملڪيت جي مالڪ جي اها خواهش موت پڄاڻان به پوري نه ٿي. ڪهڙي ڪم جي اها ملڪيت جيڪا رت جا رشتا دور ڪري ڪهڙي ڪم جي اها دولت جيڪا جگر جا ٽڪڙا جدا ڪري وڏا ڀائر اهو احساس ڇو نه ٿا رکن ته سندن هنن پرڪارن جي ڪري سندن ابي امان جا روح به تڙپندا هوندا. ڪهڙي ڪم جي اها دولت جيڪا ابي امان جي مرڻ کان پوءِ به سندن روح کي رنجائيندي رهي اهڙن ڀائرن کي روزانو ٻين جا جنازا پڙهڻ گھرجن ۽ اهو ڏسڻ گھرجي ته هو سواءِ ڪفن جي ٻيو پنهنجي ڪهڙي ملڪيت کنيون ٿا وڃن ڪهڙي ڪم جي اها دولت جيڪا نه پاڻ کي سک وٺڻ ڏئي، نه اولاد کي سکيو رکي، نه ڀائرن جي ڪم اچي، نه ڀينرن جي دل خوش ڪري سگھي، نه غريبن جي دعا ڏياري سگھي خدارا ڪجھ سوچو! وڏا ڀائر آهيو اهو سوچو ته ننڍا به اسان جو ئي رت آهن، اسان جي ابي امان کي اوترائي پرين آهن جيترا اسان پاڻ آهيون. ڇو اهڙن انمول رشتن کي صرف پئسن جي حوس ۾ ڌڪاريو ٿا ڇو ابي امان کي قبر ۾ به تڙپايو ٿا ڇو چيلھ جي سندرن کي ٽوڙيو ٿا ڇو ڀينرن کي اهنجايو ٿا چوڻي مشهور آهي ته رت دانگيءَ تي به ورندو آهي، پوءِ ڇو نه ٿو توهان جو رت دانگيءَ تي وري ياد رکو هن دنيا ۾ اگھاڙا آيا هؤ، هي پوري زندگيءَ جو سفر صرف ئي صرف ڪفن حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيو اٿوَ. هن دنيا منجهان صرف ڪفن ئي کڻي ويندؤ، سو به ڪنهن کي نصيب ٿئي يا نه ٿئي، ڪابه پڪ نه آهي. خدارا وقت اٿوَ! پنهنجن اهڙن ناياب رشتن کي جوڙي وٺو. ملڪيت وڃي ٿي وڃڻ ڏيو، ڪير ٿو وٺي ڪير ٿو کڻي اڙي ابي جو پٽ، ابي جي نياڻي ئي آهي. ڪهڙو فرق پوندو اگر توهان وٽ گھٽ هوندو ۽ ڀاء وٽ وڌيڪ هوندو. هوش کان ڪم وٺو، پنهنجن جا حق کائڻ ڇڏي ڏيو، ڪٿي ايئن نه ٿئي جو قيامت جو ڏينهن ٿئي، توهان جا گريبان هجن ۽ توهان جي ڀينرن ۽ ننڍن ڀائرن جا هٿ هجن ۽ هو توهان جا گريبان پڪڙي واحد القهار جي عدالت ۾ انصاف لاءِ دانهون ڪن. ان وقت توهان وٽ ڇا باقي بچندو ان ڳالھ تي غور ضرور ڪجو. رب جي درٻار ۾ ناانصافيءَ جو ذرو برابر به شڪ ۽ شبهو نه آهي. رب ان ڏينهن انصاف ضرور ڪندو ۽ حقدار کي سندس حق هر صورت ۾ ملي رهندو. سوچي وٺو هن دنيا ۾ آزاد ٿيو ٿا يا ان وقت جو انتظار ڪندؤ جڏهن ڪل ڪائنات جي سامهون توهان کي رسوا ڪيو ويندو. اهو فيصلو توهان تي ڇڏيل آهي.










