اهم پيش رفت جو اقرار، پاڪستان تي گري لسٽ جي تلوار برقرار

اهم پيش رفت جو اقرار، پاڪستان تي گري لسٽ جي تلوار برقرار

پئرس(ويب ڊيسڪ) مني لانڊرنگ ۽ گڏيل قومن پاران دحشتگرد ڊڪليئر ڪيل تنظيمن ۽ فردن خلاف قانون تي عمل ڪرائڻ لاءِ 39 ملڪن جي نمائندن تي مشتمل فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس يعني فيٽف پاران پاڪستان جو نالو ايندڙ سيشن تائين گري لسٽ ۾ رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. پئرس ۾ ٽن ڏينهن کان جاري فيٽف جو اجلاس جي پڄاڻيءَ تي پريس ڪانفرنس ڪندي فنانشل ٽاسڪ فورس جي صدر ڊاڪٽر مارڪس فيصلن بابت آگاهه ڪيو. هن چيو ته اسين اتفاق راءِ سان فيصلا ڪندا آهيون، ڀارت يا ڪنهن ملڪ جي چون تي نه پر حقيقتن کي سامهون رکي فيصلا ڪندا آهيون. ياد رهي ته جون 2018 کان پاڪستان جو فيٽف جي گري لسٽ ۾ نالو موجود رهيو آهي. ٽاسڪ فورس موجب پاڪستان رهيل 6 شرطن مان 4 شرط پورا ڪري ڇڏيا آهن ۽ ٻه شرط اڃا رهيل آهن. فيٽف جي اجلاس ۾ اهو طئي ڪيو ويو ته پاڪستان جو گري لسٽ ۾ نالو ايندڙ سيشن تائين جاري رهندو.  اسٽيٽ بينڪ جي گورنر رضا باقر اربعا ڏينهن ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه دوران چيو هو ته پاڪستان فيٽف پاران گري لسٽ مان نڪرڻ لاءِ رکيل 27 شرطن مان 26 شرط پورا ڪري چڪو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو