ليڊز(ويب ڊيسڪ) انگلينڊ جي بالرز ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي بيٽنگ لائن جا پول کولي ڇڏيا پوري ٽيم کي ٽئين ٽيسٽ ميچ جي پهرين اننگ ۾ پهرين ڏينهن 78 رنز تي آئوٽ ڪري ڇڏيو. ڪپتان ويرات ڪولهي ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ سندس ٽيم جا 9 راندييگر هن سميت ڊبل فگر اسڪور نه ڪري سگهيا. روهت شرما ۽ اجنڪي راهنا 19 ۽ 18 رنز ٺاهي سگهيا. جيمز اينڊرسن ۽ اوورٽن ٽي ٽي ۽ روبنسن ۽ سيم ڪرن ٻه ٻه وڪيٽون ورتيون. 5 ٽيسٽ ميچز جي سيريز ۾ ڀارت کي ٻڙي جي مقابلي ۾ هڪ تان برتري حاصل آهي. 1974 ۾ ڀارٽي ٽيم جي 42 تي آئوٽ ٿيڻ بعد ٻيو ڀيرو انگلينڊ خلاف گهٽ اسڪور آهي.










