جڪارتا (ويب ڊيسڪ) انڊونيشيا ۾ ايسٽر تقريبن دوران گرجا گهر جي ٻاهران ٿيندڙ خودڪش ڌماڪي جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا ۽ 14 زخمي ٿي پيا آهن.پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب موٽر سائيڪل سوار بمبار مڪاسر شهر ۾ گرجا گهر ۾ گهڙڻ جي ڪوشش ڪئي. ميڊيا رپورٽ موجب گرجا گهر گارڊ جي روڪڻ تي بمبار پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو. پوليس جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته گرجا گهر تي حملو ڪرڻ جي لاءِ ايندڙ حملي آورن جو انگ ٻه هئو.مقامي ميڊيا ٻڌايو آهي ته خودڪش حملي ۾ مارجي ويل ٻئي ڄڻا حملي آور هئا. جڏهن ته زخمين کي طبي امداد جي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. واقعي کان پوءِ امدادي اهلڪارن زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو. جڏهن ته سيڪيورٽي فورسز علائقي کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو آهي.پوليس موجب دعائيه تقريب ختم ٿيڻ تي 2 ڄڻن گرجا گهرن ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي پر سيڪيورٽي گارڊز پاران روڪڻ تي ٻنهي ڄڻن پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو. پوليس جو چوڻ آهي ته گرجا گهر جي ٻاهران 2 ڄڻن جا لاش مليا آهن. جيڪي مبينه طور تي خودڪش حملي آورن جا آهن. پر واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي.










