مانجهند/غوثپور(مهراڻ عمراڻي ۽ عبدالنبي ملڪ) انڊس هاءِ وي تي ٻن ڌار ڌار پيش آيل روڊ حادثن ۾ 2 ڄڻا فوت ٿي ويا. ڄامشوري ۾ پيش آيل حادثي ۾ ملوث پراڊو فرار جڏهن ته ڪنڌ ڪوٽ حادثي ۾ ملوث ٽرڪ پوليس پڪڙي ورتي. مانجهند لڳ علي آباد وٽ انڊس ها۽ وي تي روڊ پار ڪرڻ دوران سيوهڻ کان حيدرآباد ويندڙ تيز رفتار پراڊو جي ٽڪر۾ 12 ورهين جي نينگر نادر علي پٽ لکاڏنو برفت اسپتال م فوت ٿي ويو. اطلاع تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو نينگر جي مڙھ کي ڳوٺ موٽيو خان برفت لڳ علي آباد آڻي مقامي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو. ھوڏانهن خاڻوٺ پوليس کي اطلاع باوجود گاڏي جي ناڪابندي نه ڪرائڻ سبب ڊرائيور گاڏي سميت فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو جنهن خلاف وارثن احتجاج ڪندي پوليس کي ذميوار قرار ڏنو. غوثپور وٽ انڊس ھاءِ وي دڙي ڀرسان تيز رفتار ٽرڪ جو سامھون ايندڙ چنگچي رڪشا سان ٽڪر ٿي پيو جنھنجي نتيجي ۾ رڪشا ڊرائيور 35 ورھين جو ڪنڌڪوٽ واسي نوجوان غلام حسين شيخ سخت زخمي ٿي پيو جن کي وارث کڻائي سرڪاري اسپتال ۾ آيا ته نوجوان زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو۔ پوليس ٽرڪ ڊرائيور جو پيڇو ڪري ڊرائيور محمد شعيب پٺاڻ کي سوگھو ڪري ٽرڪ کي پنھنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آھي۔ پوليس واقعي جي اين سي درج ڪري وڌيڪ جاچ ڪري رھي آھي










