انڊس هاءِ وي تي حادثو، عورتن ۽ ٻارڙن سميت 22 زخمي

انڊس هاءِ وي تي حادثو، عورتن ۽ ٻارڙن سميت 22 زخمي

خانپور (زبيرگل) انڊس هاءِ وي رحيم آباد لاڙو تي موٽر سائيڪل کي بچائيندي ويگن ڪلٽيون کائيندي ڪري پئي جنهن ۾ ٻار عورتون ۽ مرد پوليو جي ميٽنگ لاءِ ويندڙ محمد ابراهيم عبدالباسط نوناري ، مائي راڻي ٿهيم، مائي شمشاد، مسمات شبيران سوناري، مائي سوهنا، مسمات حاڪم زادي، نينگري فاطمه، عائشه، نينگر نزاڪت حسين، فرمان، عبدالسميع، باقر علي، ڀورل سميت 22 ڄڻا زخمي ٿي پيا جن کي پوليس ۽ ايمبولنس ذريعي خانپور اسپتال آندو ويو جتي اسپتال ۾ ايمرجنسي لاڳو ٿي وئي زخمين کي طبي امداد ڏني وئي 4 ڄڻن کي جنهن ۾ 2 عورتون هڪ نينگر ڳڻتي جوڳي حالت ۾ وڌيڪ علاج واسطي شڪارپور نيو پيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو