ڪنڌڪوٽ(غالب بلوچ) ٽول پلازه ڪنڌڪوٽ ڀرسان انڊس هاءِ وي تي اورٽيڪ دوران تيز رفتار ٽرڪ ڪلٽي ٿي کڏي ۾ ڪري پئي. جنھن جي نتيجي ۾ ٽرڪ ڏرائيور غلام حيدر گولو سميت 6ڄڻا زخمي ٿي پيا.زخمين کي فوري علاج لاءِ اسپتال نيو ويو جٿي ٽرڪ ڊرائيور غلام حيدرگولو زخمن جاسور نه سھندي فوت ٿي ويو.










