ڪراچي (ويب ڊيسڪ)آمريڪي ڊالر ڪالهه ٻيهر اڏامڻ شروع ڪيو ۽ اڄ وڌيڪ مهانگو ٿي ويو آهي.انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر 4 پئسا مهانگو ٿيڻ بعد 284 رپيا 75 پئسا ٿي ويو.ڪالهه انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 284 رپيا 71 پئسا تي بند ٿيو. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج اڄ ڪاروبار جي مثبت شروعات ڪئي جيڪا بعد ۾ منفي رجحان ۾ تبديل ٿي وئي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس 3 پوائنٽن جي گهٽتائي سان 40 هزار 243 تي پهچي ويو آهي.ڪالهه 100 انڊيڪس 40 هزار 246 پوائنٽس تي بند ٿيو.










