انٽر بينڪ ۾ ڊالر وڌيڪ 5 روپيا سستو

انٽر بينڪ ۾ ڊالر وڌيڪ 5 روپيا سستو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)انٽر بئنڪ ۾ ڊالر جي قيمت ۾ گهٽتائي جو سلسلو جاري آهي.ڪالهه انٽر بئنڪ ۾ ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڊالر جي مقابلي ۾ رپئي جي قدر ۾ سڀ کان وڌيڪ اضافو ٿيو ۽ ڊالر جي قيمت ۾ مجموعي طور تي 4.19 سيڪڙو گهٽتائي ٿي.ڪالهه انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 228 رپيا 80 پئسا تي بند ٿيو. خميس تي به ڊالر جي قدر ۾ ڪاروبار جي شروعات ۾ گهٽتائي ٿيندي نظر اچي رهي آهي.ڪاروبار جي شروعات تي ڊالر جي قيمت ۾ وڌيڪ 5 رپيا 79 پئسا گهٽتائي ٿي ۽ ڊالر 223 رپين جو ٿي ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو