ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)انٽر بئنڪ ۾ اڄ صبح ڪاروبار جي شروعات تي آمريڪي ڊالر جي قيمت ۾ ڪجهه پئسا اضافو ٿيو آهي. انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 8 پئسا مهانگو ٿيڻ بعد 283 رپيا 90 پئسا ٿي ويو.ڪالهه انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 283 رپيا 82 پئسا تي بند ٿيو.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ منفي ڪاروباري رجحان ڏٺو ويو آهي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس 61 پوائنٽن جي گهٽتائي سان 42 هزار 32 تي پهچي ويو.ڪالهه 100 انڊيڪس 42 هزار 93 پوائنٽس تي بند ٿيو.










