ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ اڄ آمريڪي ڊالر جي قيمت ۾ ڪجهه پئسن جي واڌ ٿي آهي.،انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 2 پئسا مهانگو ٿيڻ بعد 285 رپيا 70 پئسا ٿي ويو.ڊالر گذريل هفتي جي آخري ڪاروباري ڏينهن تي 285 رپيا 68 پئسا تي بند ٿيو. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ ڪاروبار جي شروعات مثبت آهي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو 100 انڊيڪس 150 پوائنٽس وڌي 41503 تي پهچي ويو.100 انڊيڪس گذريل هفتي جي آخري ڪاروباري ڏينهن تي 41,352 پوائنٽس تي بند ٿيو.










