ڪراچي (ويب ڊيسڪ)آمريڪي ڊالر گذريل 2 ڏينهن جي تاريخي بلندي کانپوءِ اڄ تيزي سان هيٺ آيو آهي.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 12 رپيا 43 پئسا سستو ٿيڻ بعد 286 رپيا 50 پئسا ٿي ويو.ڪالهه اربع ڏينهن ڊالر 298 رپيا 93 پئسا تي بند ٿيو، جنهن سان تاريخي اڏام ٿي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ ڪاروبار جي مخلوط شروعات ڪئي وئي. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس 6 پوائنٽن جي واڌ سان 41 هزار 332 تي پهچي ويو. ڪالهه 100 انڊيڪس 41 هزار 325 پوائنٽس تي بند ٿيو.










