ڪراچي(رپورٽر)انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر جي قدر ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي، جڏهن ته پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج (پي ايس ايڪس) ۾ مثبت رجحان برقرار آهي.انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ ڪجهه وقت اڳ ڊالر جي قيمت 16 پئسا مهانگي سان 205.25 رپيا ٿي وئي آهي.ٻئي طرف، پي ايس ايڪس ڏينهن جي شروعات ۾ ڪاروبار جو مثبت رجحان ڏسي رهيو آهي.پي ايس ايڪس ۾ هينڊريڊ انڊيڪس 256 پوائنٽس جي واڌ سان 41310 جي سطح تي آهي.










