ممبئي (ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ اداڪارا انوشڪا شرما هن سال ڪانز فلم فيسٽيول ۾ هالي ووڊ جي مشهور اداڪارا ڪيٽ ونسليٽ سان گڏ پنهنجي ڊيبيو ڪئي آهي.پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب اهي ٻئي ورسٽائل شوبز آرٽسٽ شوبز شعبي جي عورتن جي نمائندگي ڪندا.ڀارت ۾ فرانس جي سفير ايمنيوئل ليين سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي انوشڪا شرما جي ڪانز فلم فيسٽيول ۾ ڊيبيو ڪرڻ بابت ٽوئيٽ ڪيو آهي.ويرات ڪوهلي ۽ انوشڪا شرما سان گڏ پنهنجي هڪ تصوير شيئر ڪندي فرانسيسي سفير لکيو ته ”ويرات ۽ انوشڪا سان سٺي ملاقات ٿي، هو ويرات ۽ ٽيم انڊيا کي سمورن ٽورنامنٽ لاءِ نيڪ تمنائن جو خواهشمند آهي.“ ڪانز فلم فيسٽيول جي سفر تي ڳالهه ٻولهه ڪئي.ياد رهي ته 2022 ۾ ڀارتي اداڪارا دپيڪا پڊوڪون ڪانز فلم فيسٽيول جو حصو هئي، کيس جيوري جو حصو بڻايو ويو هو، جڏهن ته دپيڪا اسڪريننگ سميت مختلف پينل سيشن ۾ شرڪت ڪئي هئي.










