ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ليجنڊري ليکڪ انور مقصود چيو آهي ته نوجوان اداڪار احسن خان ڊرامن تمام سٺي اداڪاري ڪري رهيو آهيو. سوشل ميڊيا تي سندس ڪيل تعريف جي ويڊيو وائرل ٿي آهي جنهن ۾ هو چوي ٿو ته جڏهن احسن جو ڪو ڊرامو لڳندو آهي ۽ احسن جو سين هوندو آهي ته هو ضرور ڏسندو آهي ۽ ايتري حد تائين جو ان دوران مان چينل تبديل ناهيان ڪندو. انور مقصود چيو ته احسن جو سين ڏسڻ بعد چينل مٽائيندو آهيان، هن نوجوان ۾ وڏي صلاحيت آهي ۽ هو اڳتي ويندو.










