طفيل مگسي
چرپر دائمي ۽ ابدي هوندي آھي.جنهن جي نتيجي ۾ تبديلي واقعي ٿيندي آھي.ڪائنات جي هڪ ئي شيء يا مظھر آھي ته جنهن کي حقيقي ڪيفيت حاصل آھي ۽ اها تبديلي ۽ چينج آھي. ڪيفيت جي حڪمراني ايتري ڪشادي ۽ ڳوڙھي آھي ته جنهن جا اثر عظيم.ترين ڪهڪشائن کان وٺي ڪري نهايت ئي سنهڙن ذرڙن تي برابر ۽ هڪ جهڙا پون ٿا ۽ جنهن جي بادشاهيء ۾ ڪائنات جو چپو چپو شامل آھي ۽ اهو هڪ اهڙو يونيورسل ۽ آفاقي فرض آھي ته جنهن جي نڀائڻ ۾ ڪائنات جو ذرو ذرو هر پل تن و من ۽ ڌن کان مصروف رهي ٿو.ڇاڪاڻ ته فرض جي ادائيگي نه ادا ڪرڻ جو مطلب ماٺار ۽ سڪون آھي ۽ سڪون جو مطلب ابدي فنا ۽ موت آھي.چرپر يا مادي تي مشتمل ڪائنات سڪون يا ماٺار جهڙي لفظ کان اڻواقف آھي.هتي هر شي جاري و ساري آھي.هتي هرشيء چينج جي لامحدود اثرن ۾ ڪري رهي آھي….ان ابدي چينج يا تبديلي جا اثر اسان پنهنجي آس پاس چٽا ڏسي سگهي ٿو ۽ جنهن جا چٽا اثر اسان پنهنجي هرهڪ احساس جي طاقت ۾ ڏسون ٿا.اکيون مظھرن کي تبديل ٿيندي ڏسن ٿيون نه ته اکيون پنهنجي قوت يعني روشني کان وٿ ڊراء ٿي ڪري پنهنجي ٻڌڻ جي آوازن کي تبديل ٿيندي ۽ ٻڌڻ ڇاهين ٿا.نه ته اها پنهنجي قوت يعني ٻڌڻ واري سگه کي گهٽو ڏئي ڇڏين.زبان جي زندگي هن جي لذتن جي چينج ٿي وڃڻ تي دارومدار رکي ٿي.
جهڙي ريت سان هرهڪ احساس جي طاقت زندگي يا قوت جي فطري فعل جو دارومدار تبديلي يا چينج تي آھي.ٺيڪ انهيء ريت سان انساني شعور ۽ فڪر جي زندگي جو جوهر يا زرخيزي جو دارومدار يا راز هن جي دائري ۾ هر ڏينهن معلومات جي نون علائقن جو شامل ٿي وڃڻ ۾ آھي.جنهن کان انساني شعور يا فڪر پنهنجي اندر ڇوليون هڻندڙ تبديلي يا چينج جي عالمگير قوت جي تسلي ڪري ٿي ۽ پوء انهيء لافاني قوت جو استعمال ڪندي انساني فڪر پنهنجي حدن جو دائرو وڌائي ٿو ۽ مسلسل وڌندو رهي ٿو.
انساني فڪرن جي بادشاهيت ۾ اچي ڪري اهڙن زرخيز علائقن.جي شامل ٿي وڃڻ جو سلسلو بند يا بيڪاري جو شڪار ٿي وڃي ته جيڪا ان جي لاء نئين هجي ۽ جنهن کان هن جي سڃاڻپ جي هر هڪ نا اميدي تي حڪمراني ڪرڻ واري تبديلي جي قوت جي ڪمزوري ٿي سگهندي هجي ته پوء انسابي فڪر پنهنجي جوهر يعني تخليقيت جي ڳچي کي وڏي بيدرديء سان دٻائي ڪري ان کي موت جي حوالي ڪري ڇڏي ٿي.فڪر جي جوهر جو فنا ٿي وڃڻ اصل ۾ شعوري ۽ فڪري موت آھي ۽ فڪري موت جي سزا ڪنهن انسان جو ڃڻ ته مرڻ تائين پنهنجي ئي لاش کي اهڙن ڪلهن تي رکي ڪري جسمابي پل تائين گهلي ٿو.
فڪري ۽ شعوري موت کان بچڻ جا وسيلا حقيقي علم آھن ۽ حقيقي علمن جون نرسريون اهي شيون يعني سائنس.فلسفو.آرٽ.ادب ۽ فن هونديون آھن ته جنهن ۾ انساني سماج کي ترقي جي رستي تي اڳتي ڌڪڻ جي طاقت ڏٺي ويندي هجي.
حقيقي علم تي مشتمل ڪتاب انساني فڪر
کي پنهنجي آنڊن کي پنهنجي ڏندن کي چٻاڙڻڻ ۽ پنهنجي ئي هٿن سان پنهنجي جوهر کي فنا جي گهاٽ لاهي ڇڏڻ کان بچائي رکي ٿي .ڇوته حقيقي علمن جي حوالي کان زرخيز ڪتابن.محفلن ۽ مجلسن سان لاڳاپيل ذھن و فڪر مسلسل پنهنجي بادشاهيت ۾ اهڙن علائقن کي شامل ڪنديون رهن ٿصون ته جنهن کان هن جي سڃاڻپ ۾ تبديلي واقعي ٿيئي ٿي.سماجي حد ڪشادي هوندي آھي ۽ ھن جي قوت يعني تخليقيت هڪ تسلسل سان گڏ سرسبز ٿيندي آھي ؛؛؛










