تحرير اعجاز علي سوڍر
هر انسان جي سونهن ۽ سندرتا سندس ڪردار ۾ پوشيده هوندي آھي۔ ڪجهه انسان موت پڄاڻان مريو وڃن ته وري ڪي موت کان صديون بعد به زنده جاويد رهجيو وڃن، ڪي موت اچڻ سان دلين تان ميسارجي وڃن ٿا ڪي وري ابد لاء دلين تي نقش ٿيو وڃن، ڪن جي موت تي انسانيت خوشيون ڪري ٿي ته وري ڪن جي موت تي انسانيت ماتم ۾ هوندي آھي، ڪن کي دنيا دولت گڏ ڪرڻ جي لالچ ايترو ته انڌو ڪري وجهي ٿي جو هو حيوانيت تي لهي دنيا و آخرت ۾ مردود ٿي وڃن ٿا، دنيا جي گڏ ڪرڻ جي حوس ۾ پنهنجو سڀ ڪجهه وڃائي ويهن ٿا، ڪي هٿين خالي رهندي به دنيا وارن جي دلين تي راڄ ڪن ٿا، پنهنجو سڀ ڪجهه قربان ڪن ٿا۔ اهو سڀ ڪردار جو ئي ڪمال آھي۔ ڪي ماڻهو امر ڪردار ادا ڪري ابدي زندگيء جا متلاشي رهن ٿا، سندن انهيءَ ڪوشش جي عيوض انسانيت کين پنهنجي دلين ۾ جايون ڏئي ٿي۔ منهنجي سوچ مطابق سڀ کان ڏکيو ڪم ڪنهن جي دل فتح ڪرڻ آھي ته وري سڀ کان آسان ڪم به دل کي کٽڻ ئي آھي۔ ڇو ته ڪڏهن ڪڏهن انسان پنهنجي پوري زندگي ڪنهن جي دل وٺڻ جي ڪوشش ۾ پنهنجو جيون گذاري ڇڏي ٿو پر ان جي باوجود به هو ناڪام ئي رهندو آھي، پر سٺي ڪردار وارو ماڻھو نه چاهيندي به لکين دلين کي موهي وٺي ٿو۔ انهي ڪاميابي ۽ ناڪامي ۾ نصيب ۽ نيڪ نيتي جو سڀ کان اهم ڪردار آھي۔ جيئن ڪنهن شاعر خوب چيو آھي ته: ڪو گناهن کي ٿو ڳولهي، ڪنهن کي ثواب ويٺي ملي ٿا وڃن۔ ته واقعي ڪي ماڻھو گناهن جا متلاشي ٿين ٿا، دلين کي آزارڻ، اهنج رسائڻ، لالچ و حوس ۾ انڌو ٿي وڃڻ، ٻين کي تڪليف ڏيڻ ۽ ڪوڙي شان و شوڪت ڪمائڻ ۾ محو رهن ٿا ته وري ڪي پنهنجو سڀ ڪجهه قربان ڪري به ٻين جي دلين کي فتح ڪرڻ جي چڪر ۾ رهن ٿا، ٻين جا غم هلڪا ڪرڻ، ٻين کي خوشي رسائڻ، ٻين جو ڀلو چاهڻ ۽ ٻين جي چاهت اڳيان پنهنجي چاهت قربان ڪرڻ جهڙا عظيم ڪارناما سرانجام ڏئي وري پاڻ پنهنجي ان عمل جا انڪاري به ٿين ٿا۔ اهڙن عمده ڪردار جي مجسمن کي انسانيت جيء ۾ جايون ڏئي سندن مشڪور رهندي آھي۔ڪردار ٻن قسمن جا ٿين ٿا۔ هڪ اهو جنهن جي اختتام تي خوشيء جا لُڙڪ بي تحاشا وهي هلن، دليون خوشيء ۾ خيريون هجن، نيڻ نچندا رهن، جيءُ جهمريون هڻي، سوچون الهامي درٻار ۾ دانهين هجن، پِٽڪا پاراتا پرواز تي رهن ۽ ٻيو جنهن جي ختم ٿيڻ تي نيڻ نوحون ڪن، دليون ماتم ڪده، دماغ مائوف ٿي وڃي، اميدون آبديده، پنبڻيون ڀنل، هوش و حواس خطا، دل ۾ دعا، لبن تي سندس ذڪر جو ذائقو، وڇوڙي تي درد خود دانهين ۽ سوچون سراپا احتجاج هجن۔ انهن ۾ پهريون ڪردار لعنتي ۽ ٻيو ڪردار نعمتي ٿئي ٿو۔ اهڙي عطا جو ذميوار ان ڪردار وارو انسان خود هوندو آھي۔ لعنتي ڪردار مٿان صديون انسانيت لعنت وسائيندي رهي ٿي ۽ نعمتي ڪردار لاء صديون ساراهون هلنديون رهن ٿيون۔ انسانيت کي جيڪا هيءَ مختصر زندگي ملي آھي ان کي ڪهڙي ڪردار جي سانچي ۾ فٽ ڪرڻو آھي، اها انسان جي پنهنجي پسند ۽ چاهت هوندي آھي۔ هر انسان کي سوچي سمجهي پنهنجي ڪردار کي صحيح سمت ۾ لڳائڻ گهرجي۔ ڪوشش اها ئي هجي ته اهو ڪردار ادا ڪجي جنهن جي ختم ٿيڻ تي انسانيت جون اکيون آليون هجن ناڪه جنهن جي ختم ٿيڻ لاء انسانيت روئندي رهي.










