طفيل مگسي
ڪنفيوشن…
هڪدم اسان جا شڪ ۽ جهڳڙا شروع ٿي وڃن ٿا.نيٺَ ڪهڙي اصطلاح جي تحت اسان ڪنفيوشن کي شامل ڪيون.۽ گوتم ٻڌ ۽ يسوع مسيح کي خارج ڪري ڇڏيون يا ڪيون؟بنياد صرف اهو آھي ته هو مذھبي عقيدي جو قاري هئڻ جي بجاء هڪ اخلاقي فلسفي هو.ته اعلي زندگي جي لاء هن جي پڪار مافوق الفطرت خيالن جي بجاء مذھب(سيڪيولر) تحريڪن تي مشتمل هئي.ته اهو يسوع مسيح جي ڀيٽ ۾ سقراط سان وڌيڪ ڀيٽ رکي ٿو.
اهو ڳڙٻڙ کان وڌيڪ دور ۾ پيدا ٿيو(552ق.م )جڏھن رياست جي پراڻي طاقت ۽ شان وشوڪت جاگيرداراڻي ڇڙواڳي ۽ ڌڙابندي ۾ ورهائجي وئي هئي.ڪنگ.فو.زيء پنهنجي ملڪ جي صحت ۽ نظم بحال ڪرڻ جو ٻيڙو کنيو؛ڪيئن؟انهيء جي زبان کان ٻڌو.“ جڏھن هن دنيا ۾ اعلي ترين خوبين کي چٽو ڪرڻ ۽ پکيڙڻڻ جي خواهش ڪئي ته پنهنجين رياستن کي منظم ڪيو.رياستن کي منظم ڪرڻ کان اڳ هتي پنهنجي خاندانن کي قاعدو ڏنو.خاندانن کي باقاعدي بنائڻ کان اڳ هنن پاڻ کي تربيت ڏني.پنهنجي تربيت کان اڳ هنن پنهنجن روحن کي ڪمال تائين پهچايو.پنهنجن روحن کي ڪامليت ڏيڻ کان به اڳ هنن پنهنجن فڪرن سان گڏ ايماندار ٿيڻ سکيو.هنن پنهنجي علم.کي نهايت بي انداز حدن تائين ڪشادگي ڏئي علم جي اها جستجو شين کي جانچڻ ۽ انهن جي اصل کي ڏسڻ ۾ لڪل آھي.جيتوڻيڪ جڏھن شين تي ان طريقي سان تحقيق ڪئي وئي ته علم مڪمل ٿيو.علم مڪمل ٿي وڃڻ تي انهن جا فڪر ايمانداراڻا ٿي ويا.فطرت ۾ ايمانداري پيدا ٿيڻ تي انهن جا روح ڪمال تي پهتا.انهن جي ذات تربيت يافته ٿي وئي ته انهن جا خاندان نظم ڀريا ٿي ويا.انهن جي خاندانن ۾ باقاعدگي پيدا ٿيڻ تي انهن جي رياستن ۾ نظم وضبط پيدا ٿيو.رياستن ۾ موزون نظم پيدا ٿيڻ تي سموري دنيا امن ۽ خوشحالي سان ڀرجي وئي“
ان پيراگراف ۾ مضبوط اخلاقي ۽ سياسي فلسفو موجود آھي.اهو هڪ نهايت احساس پرست نظم هو.هن قانونن واصولن کي سگه بخشي ۽ جهموريت سان انس جو اظھار ڪيو.سونهري اصول چٽي طور تي بيان ڪرڻ جي باوجود اهو مسيحيت کان وڌيڪ ( stoecism) جي ويجهو هو.هڪ شاگرد ڪنفيوشن کان پڇيو ته ڇا برائي جي بدلي ۾ نيڪي ڪرڻ کپي؟ڪيفيوشن جواب ڏنو“ته پوء تون نيڪي جي جواب ۾ ڇا ڪندين؟برائي جي جواب ۾ انصاف ۽ نيڪي جي جواب ۾ نيڪي ڪر“اهو سمورن انسانن کي برابر نه مڃيندو هو.هن کي لڳو ته ذھانت هڪ بهترين تحفو ناهي.جيئن ته هن جو شاگرد منيئيس چئي ٿو“انسان ۽ سست يا پوئتي پيل درجي وارن جانورن ۾ تمام گهٽ فرق آھي.اڪثر ڪري ماڻھو اهو فرق به مٽائي ڇڏين ٿا“عوام جي عظيم ترين خوهش نصيبي اها ٿيندي \هوندي ته اهي اڻپڙھيل فردن کي عوامي عهدن کان ڏور رکن ۽ پنهنجن عقل سان ٽمٽار ماڻھن کي حڪمران بنائين.
هڪ عظيم شھر چنگ.تو ان ڳالھ کي سوچي ورتو.۽ هن کي ميجسٽريٽ بڻائي ڇڏيائين.اسان کي ٻڌايو ويو آھي“ماڻھن جي ادب و طور طريقن ۾ ھڪ زبردست سڌارو ٿيو،.،ڏوھن جو خاتمو ٿيو،…بي ايماني ۽ بي اعمالي پنهنجا منهن ڍڪي ڇڏيا.سچائي ۽ ايمانداري انسانن جا ڳڻ يا صفتون بڻجي ويون ۽ عورتن پاڪ دامني ۽ فرمانبرداري کي پنهنجو زيور بڻايو.“
سچو بنجڻ نهايت مشڪل آھي ۽ بيشڪ اهو سلسلو وڌيڪ وقت تائين نه هليو.ليڪن ڪنفيوشن جي پيروي ڪندڙ ھن جي زندگي ۾ ئي هن جي عظمت کي سمجهي ويا.۽ ان لازوال اثر جي حاصلات ڪري ورتي جنهن اهل چين جي اخلاقيات.۽ مهذب ۽ ڏاھپ کي پئيو“هن جي شاگردن هن کي نهايت ڌوم ڌام.سان دفنايو.ماڻھن جي هڪ وڏي انگ هن جي قبر جي ويجهو جهوپڙا تعمير ڪيا ۽ اٽڪل ٽن سالن تائين اتي ائين ڏک ملهائيندا رهيا ڄڻ ته انهن جو پيء مري ويو هجي.جڏھن باقي سڀ هليا ويا ته تسو.ڪنگ (جنهن هن کي سڀني کان وڌي ڪري چاهيو هو) وڌيڪ ٽن سالن تائين هن جي قبر تي ويٺو رهيو“
افلاطون….
هاڻي اسان کي نون مسئلن سان منهن ڏيڻو پيو.سموريون تهذيبون اسان جي سامهون آھن.جن ۾ ڪو اهڙو نالو نٿو ملي جيڪو ان جهڙو غالب هجي.ڪا اهڙي طاقتور راء مهذب شخصيت سان نٿي ملي.جنهن فڪر جي وسيلي پنهنجن ماڻھن جي لاء آواز اٿاريو ۽ ان کي جوڙي ڇڏيو هجي“هندستان ۾ يهودين وٽ ۽ ايشيائي ڪوچڪ جي“ مٿاهين سوچ وارن “لڏائو نسلن جي وچ ۾ به اهائي صورتحال آھي.اسان وٽ هڪ گوتم ٻڌ.هڪ سعياه ۽ هڪ يسوع مسيح….. آھي.ليڪن ڪو دينوي سائنسدان ناهي.ڪو دينوي فلسفي ناهي.۽ ھڪ ٻيئي مامري ۾ ….اسان افلاطون سان محبت ڇو ڪريون ٿا؟ڇاڪاڻ ته افلاطون پاڻ به محبت ڪرڻ وارو هو.ساٿين جو عاشق.جدلياتي خوشي وڌائڻ سان گڏ خمار جو عاشق .فڪرن وشين جي موجودحقيقتن جو ڳولائو.اسان هن جي سخاوت واري سگه.هن جي تخيل سيرسفر واري زندگي ۾ ھن جي حاصل ڪيل سموري خوشي جي سبب کان هن سان محبت ڪيون ٿا.اسان هن کي چاهيون ٿا.ڇاڪاڻ ته هو پنهنجي زندگي جو هڪ هڪ پل زنده رهيو ۽ ڪڏھن به اڳتي وڌڻ واري عمل کي نه روڪيائين؟ان قسم جي ماڻھوء جي سمورين خطائن کي معاف ڪري سگهجي ٿو.اسان هن کي پسند ڪيون ٿا.ڇاڪاڻ ته اهو ذھين حڪمرانن جي وسيلي سماج جي نئين سر تعمير جو زبردست شوق رکندو هو؛ڇوته هن پنهنجي زندگي جي سمورن 80سالن ۾ انساني بهتري جو ساڳيو ئي جوش وجذبو قائم رکيو.جيڪو اسان منجهان اڪٽر ماڻھن جي لاء محض عيش وعشرت جو عارضي تخيل آھي.ڇاڪاڻ ته هن فلسفي تي محض روشنيء جو ئي نه بلڪ دنيا جي نئين سر جوڙجڪ جو به تصور ڪيو.اسان هن سان محبت ڪيون ٿا.چاڪاڻ ته هن سچائي سان گڏوگڏ حسن جي به بي انتها تعريف ڪئي؛تصورن کي ڊرامائي سگه عطا ڪئي ۽ انهن کي آرٽ جي روشني ۾ اجاگر ڪيو.“جهموريا“۽ “ڪالمن “۾ تخليقي تخيل جي اهڙي بي انتها راند رچائي آھي ته جيڪو هڪ شيڪسپيئر بڻائي سگهي ٿو؛هتي تخيل جي شاهاڻي دستبرداي سان گڏ ڀري رهيو آھي؛هتي اهو مزاج ملي ٿو.جيڪو اسان جي جديد فلسفين وٽ ڪانهي؛هتي ڪو نظام ناهي.مگر سمورا نظام آھن؛هتي يورپي فڪر جو چشمو موجود آھي.جتي انهن عظيم ترين ۽ خوبصورت شاعري ڪئي ٿي. جتي يوناني خوشي ٽڙي ٿي؛هتي ادبي نثر جو جنم ٿيو ۽ بالغ جنم ؛
ان ڪري افلاطون اسان جو ٻيو نالو هئڻ گهرجي.ليڪن اسان کي نهايت جائز چيلنج جي خلاف ان جو دفاع ڪرڻو پوندو.پوڙھي سقراط جو ڇا ٿيندو؟جيڪو فلسفي جو باني ۽ يقينن عظيم ترين شھيد به هو؟هن کي اهڙي فهرست منجهان ٻاهر ڪڍڻ ٺٺول ٿيندي.جنهن ۾ شامل هيروز هن جي عظمت جو اڌ به ناهن.پڙھندڙن کي اهو ڄاڻي ڪري لڳندو ته سقراط اڌ ارسطو ۽ اڌَ انسان آھي.هڪ فاضلM.oupree (پنهنجي ڪتابla lagenda scoratique ۾) جي حيثيٿ گهٽائي ڪري ايڪليز.ايڊسين جهڙي تاريخي سطح تي پهچائي ڇڏي آھي.ان ۾َ ڪو شڪ ناهي ته اسان جي موت کانپوء وڌيڪ بهترين ۽ ضمير ڀريو محقق ثابت ڪري ڇڏيندو ته سقراط ڪڏھن هيو ئي نه.ليڪن اسان ڪافي حد تائين يقين سان چئي سگهون ٿا ته سقراط بحيثيت فلسفي پنهنجي شھرت جي لاء تخليقي تخيل جو نعم البدل آھي.افلاطون ئي هو.جنهن رولاڪ کي پنهنجن نظرين جو بيان ڪندڙ بڻايو.شايد اسان ڪڏھن به ڄاڻي نه سگهنداسين ته افلاطون جو سقراط ڪنهن حد تائين سقراط ۽ ڪنهن حد تائين افلاطون هو.چڱو افلاطون کي ٻنهيء جو نمائندو مڃي وٺون ٿا.
هن جا“ڪالم يا ڪچهريون “نوع انساني جي بي انتها ملڪيتن منجهان هڪ آھن.هتي پهريون ڀيرو فلسفي جي بت تراشي ٿي ۽ ھن پنهنجي جوانيء ۾ آھڙي ڪامليت حاصل ڪئي ته ايندڙ زمانن ۾ ڪو مثال نٿو ملي.ڇا اوهان دوستي ۽ محبت جي باري ۾ اعلي ڊسڪورس ٻڌڻ جا خواهشمند آھيو؟“ولائسس“ڪارميڊليس“۽“فيدرس“پڙھو.ڇا اوهان ڄاڻڻ چاهيو ٿا ته هڪ عظيم ۽ ڪامل شخص .افلاطوني سقراط.ايندڙ زندگي جي باري ۾ ڇا سوچيندو هو؟“فيدو“جنهن جا آخري نثر جا صفحا نثر جي تاريخ ۾ ڪجه اعلي مثال پيش ڪن ٿا.ڇا اوهان جي ذھن جا مونجهارا علم جي اسراريت ۾ دلچسپي رکن ٿا؟“جهموريا“پڙھو.هتي اوهان کي مابعد الطبعيات .دينيات.اخلاقيات.تعليم جو نظريو.سياست جو نظريو.رياست جو نظريو ۽ آرٽ جو نظريو ملندو؛ هتي اوهان عورت پسندي ۽ ڪميونزم ۽ سوشلزم پنهنجين سمورين خوبين ۽ مشڪلاتن سميت.چونڊن جي بنيادي نسل ڪشي ۽ تخيل نفسي حاصل ڪندو.ڇا آھي جيڪو اوهان کي ان ۾ نه ملي؟هن ۾ ڪاحيرت جي ڳاله ناهي ته سيرمن “جهموريا“جي باري ۾ چيو هو“ڪتب خانن کي ساڙي ڇڏيو.ڇوته انهن ۾ سمورن قدرن جو ڳالهيون لکيل آھن“افلاطون جا اثر اسان تي شڪ ڪيئن ڪري سگهن ٿا؟هن جي قائم ڪيل اڪيڊمت تي ويچار ڪيو.دنيا جي پهرين ۽ سڀ کان وڌيڪ عرصي تائين قائم رهڻ واري يونيورسٽي سڪندريا جي نوفلاطينين کان وٺي ڪري فلاطينين سان گڏ مسيحي الهيات جي پکيڙ تي ويچار ڪيو ۽ قرون وسطي جي ثقافت ۽ افلاطون جي غالب حيثيت کي ڏسو. جوش ڀري فلاطونيت جي باري ۾ سوچيو.جڏھن لورينستو جي ميز“سمپوزيم“جي ڪجه شان و شوڪت کي پيش ڪيو.ميرانڊ والا ڌوڙ جي مشاهبت جي سامهون عقيدت سان گڏ موم بتيون روشن ڪيون.ويچار ڪيو ته هن وقت سينڪڙين ملڪ ۽ ھزارين شهرين ۾ پوڙھا ۽ نوجوان “جهموريا“۽“ ڪالمن “۾ وڃايل آھن.افلاطون جو جذبو ۽ ثقافت انهن کي هڪ حساس ڏاهپ ۾ وجهي رهي آھي.هتي روح جي هڪ لافانيت ڏٺي وڃي ٿي.جيڪا بدن جي تخيل کي ڪمزور ڪرڻ جي اٽڪل بي حرمتي بڻائي ڇڏي ٿي.










