اندرا گانڌي جو مرشد ۽ انالاحق جو علمبردار

اندرا گانڌي جو مرشد ۽ انالاحق جو علمبردار

ليکڪ سيد زوار حسين شاهه
شڪر الحمدالله ڪورونا وائرس جهڙي خطرناڪ موضي بلا کي مات ڏيڻ بعد پاڪستان ۾ خير سان مختلف تقريبات به شروع ٿي چڪيون آھن جنهن ۾ صوفين جي شهنشاه , حضرت لال شهباز قلندر رحه , جنهن جي عرس مبارڪ تقريبات ۾ ملڪ سميت ٻاهرين ملڪن کان لکين عقيدت مندن به شرڪت ڪئي جڏھن ته رمضان المبارڪ جي 14 هين تاريخ کان باقائده حضرت سچل سرمست رح(1739_1827)جي عرس مبارڪ جا انتظامات مڪمل ڪيا ويا آهن. جڏھن ته زائرين سميت سرڪار جي ديدار لاء ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ سميت ٻاهرين ملڪن مان پڻ اديب دانشور سگهڙ , صوفي , شاگرد استاد , ملهھ پهلواڻ بهترين گلوڪاره فنڪار اداڪار به شرڪت ڪندا آھن هن تقريب کي چئن حصن ۾ ورهايو ويندو آھي جنهن ۾ پهريان غريبن ۾ ڪپڙا تقسيم ڪرڻ , ميڊيا ٽاڪ دلچسپ سوال جواب , جڏھن ته اوقاف کاتو سميت انتظامه پاران وڏي وزير کي هر سال جي ترقياتي ڪمن سميت ايوارڊن بابت تفصيلن ڳالھه ٻولهھ ٿيندي آھي , جڏھن ته روح رهاڻ محفل , جتي سچل سائين جا گيت ڳايا ويندا آھن , جڏھن ته ايوارڊ پڻ ڏنا ويندا آھن , جڏھن شاعري , سگهڙ استاد گهراڻي سان تعلق رکندڙ استاد خليل مهيسر جي اڳواڻي ۾ سنڌ جا سرموڙ استاد سگهڙ پنهنجو فن پيش ڪندا آھن , جڏھن اديب پنهنجا مقاله به پيش ڪندا آھن ڪتاب جي مهورت به ٿيندي آھي جڏھن ته سچل يادگار ڪاميٽي چيئرمين ڊپٽي ڪمشنر خيرپور سيف الله ابڙو , ان جي ٽيم ذائرين لاء ٿڌي پاڻي پيئڻ سميت ننگر نياز جو به انتطام ڪيا ويا ،پر ڪڙوسچ اهو به آھي ته ڪيل واعدي مطابق روزه مبارڪ جي مرمت جو ڪم به نالي ماتر ڪيو ويو جڏهن ته حضرت سچل سرمست رحه جي صورت حال به خستا زبون آهي ، ڪنهن وقت به جيڪڏھن ڪري پيو ته نقصان ٿي سگهي ٿو سماجي اڳواڻ صحافين عقيدت مند پاران احتجاج جو چتاء ڏيندي چيو آھي ته هن سال به ساڳئي صورت حال آھي , مرمت به خاص طرح ناهي ٿي سگهي.
سنڌ جي ناليواري صوفي حضرت سچل سرمست رحه هفت زبان شاعر جو عرس مبارڪ 201 اڄ سچل جي نگري ۾ شروع ٿيندو ، جنهن ۾ سنڌ جو ڏو وزير سيد مراد علي شاه ، چادر چاڙهيندو ، جڏهن ته نمائش جو افتتاح خاص مهمان مشير زراعت منظور حسين وساڻ ، منور حسين وساڻ پڻ شريڪ هوندا ، جڏهن ته ملاکڙو جو افتتاح ،ا يم پي اي نعيم احمد خان کرل ، ساجد ڀانڀڻ ڪندا جڏهن راڳ رهاڻ ۾ خاص مهمان سابق وزيراعلي سيد قائم علي شاه ، سيد فضل علي شاه جيلاني ، سيد جاويد علي شاه جيلاني ، ڊاڪٽر نفيسا شاه جيلاني ، ڊاڪٽر مهرين ڀٽو ، ايم پي اي پير سيد احمد رضا شاه جيلاني ، عزاله سيال ، زينب شر ، صنم راڄپر شرڪت ڪندا. ٻئي پاسي سچل سرسمت جي عرس مبارڪ جا انتظام مڪمل ، زائرين لاء ٿڌي پاڻي پيئڻ سميت ننگر نياز جو به انتطام ڪيو ويو ، واعدي مطابق روزه مبارڪ جي مرمت جو ڪم به نالي ماتر ڪيو ويو ، جڏهن ته حضرت سچل سرمست رحه جي صورت حال به زبون آهي ، ڪنهن وقت به نقصان ٿي سگهي ٿو سماجي اڳواڻ صحافين عقيدت مند پاران احتجاج جو چتاء ڏيندي چيو آهي ته سدائين واعده ته ڪيا ويندا آهن پر وفا نه ٿيندا آهن. ڊپٽي ڪمشنر سيف الله ابڙو مان اها اميد رکون ٿا ته ايندر سال تمام انتطامات بهترين هوندا ماضي ۾ ڪيل ڪوتاهين کي ختم ڪيو ويندو ، جڏهن ته زائرين عقيدت مندن لاء ٿڌي پيئڻ جي پاڻي جو انتظام ننگر نياز جو انتظام پڻ ڪيو ويو آهي جڏهن ته محفل سمان سميت ٻيا پروگرام به ساندار رٿيل آهن جنهن ڪري اسان سمجهون ٿا ته انتظامات بهترن کان بهتر هوندا ۽ ڪرونا جي ڪري گذريل ڪجهه سالن کان پروگرام تقريبات نه ٿيڻ بعد هن سال لکين ماڻهون به شرڪت ڪندا , بهرحال حضرت سچل سرمست رحه سان پيار جو اظهار ڪرڻ لاء لکين عقيدت مند اچن ٿا , پر انتظامات جهڙي ريت ٿيڻ گهرجن ناهين ٿيندا , هن سال هڪ فرض شناس آفيسر ڊپٽي ڪمشنر سيف الله ابڙو پنهنجي ٽيم کي هدايتون جاري ڪيون آھن ته ڪجھ به ٿئي بهتر کان بهتر انتظام ڪيا وڃن جڏھن انفرميشن آفيسر ضلع خيرپور سيد ساجد حسين شاه پڻ هر مومينٽ هر خبر اخبارن , ٽي وي چيئنلز تي هلائي سڌ ڏيئي ٿو , برحال انشاء الله جهڙي ريت سوشل ميڊيا ڪم پئي ڪري ان کان پوء اها اميد پڪ آھي ته ڪافي انتظام بهتر ٿيندا.
خير اهو ته مقامي مسئلو آهي پر ڳالهه اها آهي ته اها تمام گهٽ ماڻهن کي خبر هوندي ته انالاحق جي هن علمبردار صوفي شاعر ۽ اري لوگو تمهارا ڪيا جي سدا حيات گيت جي سرجڻهار هن شاعر جي اندرا گانڌي به مريد هئي. 1970 واري جنگ ۾ ڀارتي پائلٽس کي هن خاص هدايتون ڏنيون هيون ته سڇل سائين جي روزي جي آس پاس بمباري نه ٿيڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو