اينجلينا جولي جي پاڪستان آمد،دادو پهچي وئي

دادو(ن س) انجلينا جي آمد بابت مقامي انتظاميه مڪمل طور تي بي خبر رهي، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن طرفان اداڪارا جي سيڪيورٽي جا انتظام سنڀاليا هئا، اينجلينا جولي ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ دورا ڪري رهي آهي، هن جوهي جي ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪيو، جتي ٻوڏ متاثرن سان ملاقات پڻ ڪئي اينجلينا جولي هوائي جهاز ذريعي ايم اين وي ڊرين پهتي ۽ ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪيو واضح رهي ته انجلينا جولي 2010ع جي ٻوڏ ۽ 2005ع جي زلزلي دوران به پاڪستان آئي هئي

پهنجو تبصرو موڪليو