انتظامي بي ڌياني سبب پيئڻ جي پاڻي جا فلٽر ناڪارا

انتظامي بي ڌياني سبب پيئڻ جي پاڻي جا فلٽر ناڪارا

سکر(جئيرام داس ) سکر ۾ پيئڻ جي پاڻيءَ لاءِ لڳايل فلٽر پلانٽ ناڪارا بڻيل، سکر شهر جي لُڪس پارڪ، ملٽري روڊ، پراڻو سکر، شڪارپور روڊ ۽ ٻين هنڌن تي ڳري رقم خرچ ڪرڻ بعد پيئڻ جي پاڻي جا فلٽر پلانٽ لڳايا ويا جيڪي ميونسپل توڙي نساسڪ عملي جي لاپرواهي سبب سنڀال نه ٿيڻ ڪري ناڪارا بڻجي ويا آهن. ميئر سکر ارسلان اسلام شيخ طرفان پراڻا فلٽر پلانٽ جلد بحال ڪرڻ ۽ انھن سان گڏ نوان فلٽر پلانٽ لڳائڻ واري اعلان تي به ھن وقت تائين عمل ناھي ٿي سگھيو، جنهن سبب شهري والس روڊ واري فلٽر پلانٽ ۽ جر وارن نلڪن مان قطارن ۾ بيھي بدستور پاڻي ڀرڻ تي مجبور آھن. پاڻي جي کوٽ سبب مائڪرو ڪالوني، نيوپنڊ، ڀوسا لائين، اسلام ڪالوني، درزي محلا، ٿرمل ڪالوني، گول ٽڪري ڪالوني ۽ ٻين ڪيترن ئي علائقن ۾ 12 ئي مهينا پاڻي جو بحران هجي ٿو، جنهن ڪري انهن علائقن جون عورتون، مرد توڙي معصوم ٻار جرجي نلڪن جوپاڻي قطارن ۾ بيهي ڀرين ٿا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو