انتظاميه جي نااهلي علائقي واسي جنازو گندو پاڻي مان گذارڻ تي مجبور

انتظاميه جي نااهلي علائقي واسي جنازو گندو پاڻي مان گذارڻ تي مجبور

ٽنڊو محمد خان (ن سنڌيار)ٽنڊو محمد خان ۾ گذريل برسات جو گندو پاڻي اڃان تائين نيڪال نه ٿي سگهيو علائقي واسي جنازي کي بيٺل پاڻي مان گذارڻ تي مجبور آهن ، ٽنڊو محمد خان جي مير پاڙي جي اندر گذريل 10 ڏينهن کان برساتي ۽ نالين جو گندو پاڻي جي نيڪال نه ٿيڻ جي ڪري برساتي پاڻي روڊن رستن تي جمع ٿيڻ جي ڪري علائقي واسي هڪ جنازي کي برساتي پاڻي مان کڻي وڃڻ تي مجبور ٿي ويا ، جنهن ۾ علائقي واسين ميونسپل ڪميٽي ۽ پبلڪ هيلٿ جي ناقص ڪارڪردگي ۽ لاپرواهي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ٽنڊو محمد خان جي ميونسپل ڪميٽي ۽ پبلڪ هيلٿ کاتي جي ڪارڪردگي گذريل ڪيترن سالن کان ناڪارا آهي اڪثر ڪري شهر گٽرن جي پاڻي جي لپيٽ ۾رهندو آهي ، ڊرينيج جو نظام خراب هئڻ ڪري ، تازين برساتن کانپوءِ انتظاميه برساتي ۽ گٽرن جو پاڻي نيڪال ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي ويئي آهي ، ڊپٽي ڪمشنر ٽنڊو محمد خان طرفان ڪو به نوٽيس نه ورتو وڃي پيو ، شهر جي مير پاڙي ۾ پاڻي مان جنازي کڻڻ تي جنازي ۾ شامل علائقي واسي اڇگارون ڏيئي روئڻ تي چيو ته ٽنڊومحمدخان لاوارث بڻيل آهي هتان جي چونڊيل عوامي نمائندن ايم اين اي ۽ ايم پي اي تي سخت ڪاور جو اظهار ڪندي چيو پيپلز پارٽي جي حڪومت اسان کي شهر کي کنڊرال بڻائي چڏيو آهي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو