انتظاميه جي نااهلي، گهٽيون گندي پاڻي ھيٺ

انتظاميه جي نااهلي، گهٽيون گندي پاڻي ھيٺ

ڏهرڪي (ن سنڌيار) ھر مھيني ڪروڙين رپين جو بجيٽ وٺندڙ ڏهرڪي شهر جي ٽائون انتظاميا ڪرپشن جي ور چڙهيل ٽائون انتظاميا جي نا اهلي سبب ڪيترائي علائقا نالين جي گندي پاڻي ھيٺ مک رستن تي گند ڪچري جا ڍير لڳل اسسٽنٽ ڪمشنر ڏھرڪي به آرامي، ڊي سي گھوٽڪي به نوٽيس نه ورتو،سياسي سماجي ڪارڪنن ۽ شھرين پاران ڊي سي گھوٽڪي کان ڪريپٽ ٽائون انتظاميا خلاف فوري نوٽيس وٺي ڪارروائي جو مطالبو،خبر موجب؛ ڏھرڪي شهر جا مختلف علائقا چاچڙ محلا،ظفر بازار، عظيم ڪالوني، راجه ڪالوني، داد روڊ، مصطفيٰ آباد ڪالوني، ليبر ڪالوني، شريف ڪالوني، سينما روڊ سميت ڪيتريون ئي ڪالونين جي ڊرينج سسٽم کي نا اهل ٽائون انتظاميا ناڪاره بڻائي ڇڏيو آهي ۽ نالين جو گندو پاڻي مُک روڊ رستن تي بيٺل آھي جنھن سبب دوڪاندار ۽ شھري تمام گهڻو پريشان آهن جڏهن ته شهر جي سڀني ڪالونين ۽ مُک ڪاروباري مرڪز جي روڊ رستن جي گٽرن جا منهن ب کليل ھجڻ جي ڪري ڪئي ايندڙ ويندڙ ٻار توڙين وڏا حادثن جو شڪار رھن ٿا جڏهن ته آئي ڏينهن شھرين جي شڪايتن باوجود اي سي ڏھرڪي به نوٽيس نه ٿو وٺي اوڏانهن مختلف علائقن جي شھرين ۽ سياسي سماجي ڪارڪنن مير حسن لاشاري،احمد علي، نريش ڪمار، عبدالله راجڙي، عقيل ڪاڃون ،، سني، ڪپيل ڪمار، ڪامريڊ مڪيش ڪمار ،سنيل ڪمار، آصف علي شاهه، حفيظ شر، لياقت شيخ، لالچند موٽواڻي، علي ٻرڙو، محمد عمران، غلام حسين ۽ ٻين سوشل ورڪرن ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڪيتري ئي عرصي کان اسان جو ڏھرڪي شهر بنيادي مسئلن جي ور چڙهيل آهي چونڊيل نمائندا به ٺلاهه آسرا ڏيندا آهن ۽ اليڪشن کان پوءِ عوام سان ڪيل واعدا به پورا نه ڪري سگھيا آهن جڏهن ته ڏھرڪي جي ٽائون انتظاميا ڪرپشن جو گڙھ بڻجي چڪي آهي ٽائون انتظاميا جي نا اهلي سبب مٿي ڄاڻايل علائقن ۽ مُک بازارن جا رستا به نالين جي گندي پاڻي جي لپيٽ ۾ آھن جنھن سبب مختلف بيماريون جنم وٺي رھيون آهن جڏهن ته شھرين اعلي اختيارين ۽ ڊي سي گھوٽڪي کان فوري نوٽيس وٺي ڪرپشن ۾ ملوث ٽائون عملي خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ۽وڌيڪ چيو ته ڏھرڪي شهر جي مختلف علائقن ۾ صفائي سٿرائي، ڊرينج سسٽم ٺيڪ ڪرائي عوام ۾ ڦيليل بيچيني ختم ڪئي وڃي نه ته ٻي صورت ۾ سڀني ڪالوني واسين ۽ سياسي سماجي ڪارڪنن پاران احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو،

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو