اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اٽارني جنرل عثمان اعواڻ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي يقين ڏياريندي چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني چيئرمين عمران خان جو فوڪل پرسن انتظار پنجوتها 24 ڪلاڪن ۾ بازياب ٿي ويندو.عمران خان جي فوڪل پرسن انتظار پنجوتها جي آزادي بابت درخواست تي ٻڌڻي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ٿي. ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل عثمان اعواڻ عدالت کي يقين ڏياريندي چيو ته انتظار پنجوتها 24 ڪلاڪ ۾ بازياب ٿي ويندو.درخواستگذار جي وڪيل ايڊووڪيٽ فيصل چوڌري چيو ته اٽارني جنرل اميد ڏياري آهي ته اسان اميد ئي ڪري سگهون ٿا، اسان چاهيون ٿا ته انتظار حسين پنجوتها جلد کان جلد خيريت سان واپس اچي.چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عامر فاروق سوال ڪيو ته ڇا 24 ڪلاڪ هينئر کان ئي شروع ٿيندا؟ جنهن تي اٽارني جنرل چيو ته جي سڀاڻي هن وقت تائين انتظار پنجوتها واپس اچي ويندو. جنهن کان پوءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڪيس جي ٻڌڻي 4 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










