اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ امپورٽيڊ لگزري آئٽمز تي ٽيڪس وڌائڻ جي تجويز پيش ڪئي وئي آهي ايف بي آر جي ذريعن مطابق بجيٽ ۾ مهانگا ۽ امپورٽيڊ موبائيل اڃا وڌيڪ مهانگا ٿيڻ جو امڪان آهي ان کان علاوه بجيٽ ۾ 100 ڊالر کان وڌيڪ ماليت جي موبائيل فون تي ڊيوٽي وڌڻ جو امڪان به آهي امپورٽيڊ انرجي سيور بلب، فانوس ۽ ايل اِي ڊي مهانگي ٿيندي امپورٽيڊ اليڪترانڪس آئيٽمز تي سيلز ٽِڪس 25 سيڪڙو برقرار رهندو جڏهن ته امپورٽيڊ ميڪ اپ جو سامان لپسٽڪ ۽ فيس پائونڊر تي سيلز ٽيڪس 25 سيڪڙو برقرار رهندو وارن لاءِ امپورٽيڊ ڪلرز، ڊائرز، پالتو جانورن جي امپورٽيڊ خوراڪ، امپورٽيڊ برانڊڊ شوز عورتن جا امپورتيڊ برانڊ جا پرس، امپورٽيڊ شيمپو، صابڻ ۽لوشن تي به سيلز ٽيڪس 25 سيڪڙو رهندو ايندڙ بجيٽ ۾ امپورٽيڊ سن گلاسز، پرفيومز، امپورٽيڊ پرائيويٽ هٿيار، برانڊڊ هيڊفونز، آئي پوڊز، اسپيڪرز، امپورٽيڊ لگزري ٿانو، امپورٽيڊ دروازا ۽ ڌريون، باٿ فٽنگز، ٽائلز سينيٽري، امپورٽيڊ ڪاپرٽس ۽ غاليچي تي سيلز ٽيڪس جي شرح 25 سيڪڙو برقرار رهندي ان کان سواءِ امپورٽيڊ انرجي ڊرنڪس، امپورٽيڊ جوسز، گاڏيون، موسيقي جا امپورٽيڊ اوزار، امپورٽيڊ بسڪٽ، بيڪري آئيٽمز، امپورٽيڊ چاڪليٽ ۽ ڪينڊي تي سيلز ٽِڪس 25 سيڪڙو برقرار رهندو. لگزري آئيٽمز تي سيلز ٽيڪس 25 سيڪڙو رهڻ سان 55 ارب آمدني ٿيڻ جو امڪان آهي.










