اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) اڳواڻ ۽ اڳوڻي سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته امپورٽڊ حڪومت جي خاتمي جو سڏ اچي رهيو آهي. سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ فواد چوڌري چيو ته پشاور ۽ ڪراچي سانحي ڏيکاري ڇڏيو آهي ته ملڪ نرم انقلاب لاءِ تيار آهي. پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته انشاءَ الله پاڪستان جو هر شهر التحرير اسڪوائر بڻجي ويندو، هن امپورٽڊ حڪومت جي خاتمي جو سڏ اچي رهيو آهي، تيار رهو ۽ عمران خان جي اعلان جو انتظار ڪيو.










