شڪارپور(عبدالخالق سومرو) سينئر صحافي ۽ شڪارپور پريس ڪلب جي اڳوڻي صدر شھيد امير بخش بروھي جي سترھين ورسي ملھائي وئي، ان سلسلي ۾ سندس جي روح کي ثواب پھچائڻ لاءِ قرآن خواني ۽ خيرات في سبيل الله جو اھتمام ڪيو ويو، بعد ۾ صحافين صدر رحمت الله سومرو جي اڳواڻيءَ ۾ شھيد امير بخش بروهي جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي ۽ دعا گھري، صحافين چيو ته شھيد امير بخش بروھي شڪارپور جي صحافت ۾ ھڪ وڏو نالو ھو، ھو صحافتي سرگرمين ۾ ھميشه اڳتي ھوندو ھو، شھيد امير بخش بروھي جي صحافتي خدمتن کي ھميشه ياد رکيو ويندو.










