اسلام ڪوٽ (رپورٽ صادق بجير) ٿر فائونڊيشن طرفان اسلام ڪوٽ ۾ ثقافتي ڏهاڙو ملهايو ويو. ثقافتي ڏهاڙي واري تقريب ٽي سي ايف اينگرو ڪيمپس اسلام ڪوٽ ۾ ٿي گذري، جنهن ۾ وڏي انگ ۾ اسلام ڪوٽ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن جي ماڻهن شرڪت ڪئي. تقريب ۾ مملڪتي وزير ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي، پيپلزپارٽي ضلعي ٿرپارڪر جي صدر سينيٽر گيانچند، ايم پي اي فقير شير محمد بلالاڻي، اينگرو اينرجي لميٽيڊ جي سي اي او اينگرو يوسف صديقي، سنڌ اينگرو ڪول مائيننگ ڪمپني جي سي اي او عامر اقبال ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

تقريب کي خطاب ڪندي مملڪتي وزير ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي چيو ته ٿر فائونڊيشن طرفان کي نئين سال جي آمد تي ثقافتي ڏهاڙي وارو پروگرام منعقد ڪرڻ تي کين جس ڏيان ٿو، ٿر جي عوام لاءِ هن قسم جا پروگرام تفريح فراهم ڪن ٿا، ٿر فائونڊيشن طرفان ان قسم جا پروگرام منعقد ڪرڻ سان مقامي ٽيلينٽ کي پڻ هٿي ملي رهي آهي. ايم پي اي فقير شير محمد بلالاڻي چيو ته محترمه بينظير ڀٽو جي خواب جي ساڀيان ٿي رهيو آهي.

اينگرو انرجي جي سي اي او يوسف صديقي اسلام ڪوٽ واسين جي ڀرپور شرڪت ڪرڻ تي سندن ٿورا مڃيا ۽ چيو ته نئون سال شروع ٿي رهيو آهي دعاڳو آهيون ته نئون شروع ٿيندڙ سال ٿرپارڪر، سنڌ، پاڪستان لاءِ خوشيون کڻي ايندڙ سال ثابت ٿئي. تقريب دوران مشهور فنڪارن فائزه علي، مارول گروپ، تاج مستاني، نزاڪت صادق فقير، شڪيلا نون، مائي فاطمہ، ڀڳڙو مل ناچيز، ڪولهي ڊانس گروپ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندي محفل کي جهومائي ڇڏيو، پروگرام جي ميزباني نامياري شاعر ۽ اديب بخشڻ مهراڻوي ڪئي.










