امداد محمد شاهه باڪردار شخص هو، ڀيٽا پيش

سڪرنڊ (فقير راج ڪماراوڏ)سائين جي ايم سيد جي فرزند ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ قائد حزب اختلاف نالي واري سماج سڌارڪ سيد امداد محمد شاھ جي 16 هين ورسي امداد فائونڊيشن پاران سندس آخري آرام گاھ ڳوٺ مجيد ڪيريو ۾ ملهائي وئي. سندس پاران سنڌ لاءِ ڪيل خدمت تي ڀيٽا پيش ڪئي وئي.  ورسي جي موقعي تي ايس يو پي مرڪزي اڳواڻ سيد زين شاھ چيو ته بابا سائين سيد امداد شاھ سدائين اجتماعي سوچ کي فروغ ڏنو ڪڏھن به انفراديت کي اهميت نه ڏني اڄ سڪرنڊ جي ڳوٺن جا اسڪول ۽ رستا سندس ڪاوشن جو مثال آهن. جڏھن ته ننڍي وڏي ڳوٺ ۾ سرڪاري ڊسپينسريون قائم ڪرڻ به سندس اولين ترجيح هوندو هو هن چيو ته اڄ سڄڻ توڙي دشمن ان ڳالهه کان انڪار نه ڪندا ته سيد امداد شاھ اجتماعي سوچ جي ڪري هر ان ڳوٺ ۾ به ترقياتي ڪم ڪرايا جيڪي حلقي ۾ نه هئا پر حقدار سمجهي کين سهولتون مهيا ڪيون هن چيو ته امداد شاھ اسيمبلي ۾ حڪمرانن جي غلط ڪمن جي ڪڏھن به حمايت نه ڪئي ۽ اڄ اسان ان جا تربيت يافته به اهو عهد ڪري چڪا آهيون ته ظلم  نه ڪبو نه سهبو سيد امداد شاھ نه صرف هڪ سٺو سياستدان سماج سڌارڪ هو پاڻ گهڻ رخي شخصيت هوندو هو. سائين جا ڪيل فيصلا اڄ به تاريخ ۾ ياد ڪيا وڃن ٿا. ڪڏھن به فيصلن ۾ پنهنجي پرائي جو خيال نه ڪيائون حق ۽ سچ جو فيصلو ٻڌائيندا هو. ايس يو پي جي مرڪزي اڳواڻ امير علي ٿيٻو چيو ته سائين امداد شاھ جي ايمانداري ۽ اجتماعي سوچ جا قصا ۽ ڳالهيون جڏھن سندس دوست يا ڳوٺ وارا ٻڌائيندا آهن. اسان کي فخر آهي ته اسان سائين امداد محمد شاهه جا پوئلڳ آهيون. ورسي دوران امداد محمد شاھ جي مزار تي گلن جون چادرون چاڙهيون ويون جڏھن ته صبح جو قرآن خواني ۽ فاتحه خواني جو پڻ اهتمام ڪيو ويو. ورسي تقريب ۾ علائقي جي اهم شخصيتن صحافين سياستدانن ۽  ايس يو پي جي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ورسي تقريب ۾ سيد ضياء شاھ . پروفيسر انعام ڀٽي ، فلڪ شير اوڏ ، ڪامريڊ اياز علي عمراڻي ، ساگر ڏهراج، مجيب ماڇي ، ڌڻي بخش ڪلوئي ، استاد ليکڪ غلام حسين جوڻو، غلام مصطفيٰ ڪيريو . قربان مگسي . عمران ڪيريو ۽ ٻيا موجود هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو