امبر هرڊ جي نئين فلم جو ورلڊ پريميئر، سوشل ميڊيا تي واپس

امبر هرڊ جي نئين فلم جو ورلڊ پريميئر، سوشل ميڊيا تي واپس

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)هالي ووڊ اداڪارا امبر هرڊ گذريل سال ڊسمبر ۾ داخل ڪيل بدنامي جي ڪيس کانپوءِ پهريون ڀيرو فلم ان دي فائر جي ورلڊ پريميئر جون تصويرون شيئر ڪندي پنهنجي اڳوڻي مڙس کي سخت جواب ڏنو هو.37 سالن جي اداڪارا امبر هيرڊ فوٽو ۽ وڊيو شيئرنگ پليٽ فارم انسٽاگرام تي اٽلي ۾ ٽورمينا فلم فيسٽيول ۾ فلم ان دي فائر جي ورلڊ پريميئر جون تصويرون شيئر ڪيون ۽ پنهنجي لکين مداحن جو شڪريو ادا ڪيو.تصويرون شيئر ڪندي هن لکيو ته ”تورمينا فلم فيسٽيول ۾ منهنجي ايندڙ نئين فلم جي اهڙي شاندار استقبال لاءِ توهان سڀني جي مهرباني.ذريل هفتي جي آخرت کي ناقابل فراموش قرار ڏيندي هن وڌيڪ چيو ته اهو هڪ ناقابل فراموش هفتو هو ۽ هن فلم جي ورلڊ پريميئر جون تصويرون به پنهنجي انسٽا ڪهاڻي تي شيئر ڪيون.

پهنجو تبصرو موڪليو