اليڪشن ۾ حقيقي ٽرن آئوٽ 60 سيڪڙو کان وڌيڪ رهيو،  نقوي

اليڪشن ۾ حقيقي ٽرن آئوٽ 60 سيڪڙو کان وڌيڪ رهيو، نقوي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فردوس شميم نقوي چيو آهي ته اليڪشن ۾ اصل ٽرن آئوٽ 60 سيڪڙو کان وڌيڪ هو.ڪراچي ۾ ميڊيا سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي فردوس شميم نقوي چيو ته عوام جو فيصلو اچي ويو آهي فردوس شميم نقوي جو چوڻ آهي ته ڪنهن به پارٽي لاءِ دروازا بند نه ٿيڻ گهرجن، پارٽي ڇڏڻ وارا جيڪڏهن واپس اچڻ چاهين ٿا ته کين ٻن سالن تائين عهدو نه ڏنو وڃي.هن وڌيڪ چيو ته پارٽي ۾ واپسي ڪندڙن کي 2 سالن تائين به اليڪشن نه وڙهڻ ڏنو پيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو