اليڪشن ڪنهن جي خواهش تي نه پر آئين مطابق ٿيڻ گهرجي: ڪائره

اليڪشن ڪنهن جي خواهش تي نه پر آئين مطابق ٿيڻ گهرجي: ڪائره

لاهور (ويب ڊيسڪ) وزيراعطم جي خاص مددگار قمرزمان ڪائره چيو اهي ته ملڪ ۾ عام چونڊون ڪنهن هڪ پارٽي جي مرضي تي نه پر آئين مطابق جمهوري اصول مطابق ٿيڻ گهرجن ڪنهن به سياسي پارٽي کي آزاداڻه ۽ شفاف چونڊن ۾ عوامي مينڊيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ حڪومت ٺاهڻ ۽ ملڪ جا مسئلا حل ڪرڻ جو پورو حق حاصل هوندو هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته پي پي جون عوام ۾ مصبوط پاڙون آهن جيڪا عام چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪري اڳوڻي وزيراعطمن ذوالفقارعلي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو شهيد جي مشن کي مڪمل ڪندي هن چيو ته پيپلزپارٽي گارگند جي سياست تي نه پر عوام جي خدمت تي يقين رکي ٿي پيپلزپارٽي ڪنهن سياسي پارٽي سان نه پر غربت ۽ مهانگائي جي خلاف وڙهي رهي آهي هن وڌيڪ چيو ته پيپلزپارٽي جي حڪومت سدائين غريبن ۽ معاشري ۾ پيڙهيل طبقن لاءِ ڪم ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو