اليڪشن ڪميشن کٽيل سيٽون واپس ڪري، عبدالمالڪ بلوچ

اليڪشن ڪميشن کٽيل سيٽون واپس ڪري، عبدالمالڪ بلوچ

تربت)ويب ڊيسڪ)نيشنل پارٽي جي صدر ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن بوگس ووٽ ختم ڪري نيشنل پارٽي جي کٽيل سيٽون واپس ڪري.تربت ۾ احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي هن چيو ته قومپرستن کي پارليامينٽ کان ٻاهر رکڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.عبدالمالڪ بلوچ چيو ته اهڙيون چونڊون ڪرائڻ سان وفاق جون پاڙون کوکليون ڪيون پيون وڃن.هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن چونڊون آمدني جو ذريعو بڻجي ويون ته جمهوريت ۽ وفاق مضبوط نه ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو