اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اليڪشن ڪميشن ايندڙ عام چونڊن لاءِ تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن. ذريعن موجب اليڪشن ڪميشن آڪٽوبر جي آخر يا نومبر جي شروعات ۾ عام چونڊون ڪرائڻ لاءِ تيار آهي جنهن لاءِ سڄي ملڪ ۾ 2017ع جي آدم شماري موجب تڪبندين جي حد بندي ڪئي پئي وڃي ۽ حد بنديون ڪميٽيون 24 مئي تائين ابتدائي حد بنديون مڪمل ڪنديون. ذريعن جو چوڻ آهي ته شروعاتي حد بنديون 28 مئي تي پڌريون ڪيون وينديون، ابتدائي حد بندين تي اعتراض 29 مئي کان 28 جون تائين جمع ڪرائي سگهجن ٿا، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ حد بندين جو ڪم مڪمل ڪري 3 آگسٽ تي حتمي شڪل ڏني ويندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اليڪشن ڪميشن غير حتمي ووٽر لسٽن جي اشاعت لاءِ ڊسپلي سينٽر قائم ڪري ڇڏيا آهن جيڪي 21 مئي کان 19 مئي تائين کليل رهندا. ذريعن موجب نئين آدم شماري سان اليڪشن ڪميشن آڪٽوبر کان نومبر 2023ع ۾ عام چونڊون ڪرائي سگهندي، ان حوالي سان اليڪشن ڪميشن ستين آدم شماري جي حتمي نتيجن بابت شماريات ڊويزن کي خط موڪلي ڇڏيو آهي. اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته ستين آدمشماري جا نتيجا 23 فيبروري بدران 31 ڊسمبر تي شايع ڪيا وڃن، نئين آدمشماري جي اعلان کانپوءِ اليڪشن ڪميشن کي نئين تڪ بندين لاءِ 4 مهينا گهربل آهن.










