اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) جو چوڻ آهي ته 8 فيبروري تي چونڊن واري ڏينهن ملڪ ۾ ڪٿي به انٽرنيٽ سروس بند نه ڪئي ويندي.پي ٽي اي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان حڪومت چونڊن واري ڏينهن انٽرنيٽ بند نه ڪندي، اليڪشن واري ڏينهن صارفين کي انٽرنيٽ جي مڪمل پهچ هوندي، پي ٽي اي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان حڪومت چونڊن واري ڏينهن انٽرنيٽ کي بند نه ڪندي.










